ھنڱورجا

ھنڱورجا: ظهير عباس مٿان ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار ڪريو، سيال برادري

عزيز ميمڻ ، هنڱورجا

Siyal community protesting
ھنڱورجا: سيال برادري جا ماڻھون حملي آورن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن

هنڱورجا جي گل شاھ غازي محلي جي رهواسين گلزار احمد سيال، ظهير عباس سيال، ذوهيب سيال جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهچي ظهير عباس مٿان ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته 3 ڏينهن اڳم منڱڻيجا برادري جي ماڻهن نوجوان ظهير عباس سيال مٿان حملو ڪري کيس کي زخمي ڪيو ويو جنهن جي رپورٽ هنڱورجا ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر ان جي باوجود پوليس جوابدار رشيد ،اشرف،نائب منڱڻيجو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن مطالبو ڪيو ته حملي آورن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button