ھنڱورجا

ھنڱورجا: صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس، پوليس به صحافين جي خلاف ونگارو بڻجي ويئي، غلام حسين چانگ

عزيز ميمڻ،هنڱورجا

Birthday celebration of Ghulam Hussain Chaang
پريس ڪلب راڻيپور پاران صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو پيو وڃي

صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ چيو آهي ته سنڌ ۾ سازش تحت صحافين جي خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ڪيون ويون آهن صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انهن کي ڌمڪايو ۽ حيسايو پيو وڃي پوليس به صحافين جي خلاف ونگارو بڻجي ڪيس داخل ڪرڻ ۾ پوري آهي سنڌ جي صحافين کي حق ۽ سچ لکڻ جي سزا ڏني پئي وڃي خيرپور ضلعي ۾ گذريل 10 سالن کان ضلعي ڪائونسل پاران پريس ڪلبن کي ملندڙ فنڊ جاري نه ٿا ڪيا وڃن .جيڪڏهن صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل نه ڪيا ويا ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.پريس ڪلب راڻيپور پاران سندس جي 48 هين سالگرھ ملهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هنن چيو ته صحافين کي حق ۽ سچ لکڻ کان زبردستي رُڪيو پيو وڃي پر ان طريقي سان صحافين کي حيسائي نه ٿو سگھجي هن وڌيڪ چيو ته ڀٽ شاھ جي صحافي نوشاد ٻگھيو تي حملو ڪندڙ اڃا تائين آزاد آهن ،گمبٽ جي صحافي حاڪم ڀٽي،پيروسڻ جي صحافي مرتضيٰ جمالي ،کرڙاھ جي صحافي ارشاد ڦُل سميت ڪتيرن ئي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي تقريب کي پريس ڪلب راڻيپور جي صدر سڪندر کرل، جنرل سيڪريٽري لعل بخش سهتو، سينئر صحافين نانڪ رام، حفيظ الرحمان ميمڻ، صوفي ياسين راڄپر، جاويد سولنگي، شبير جعفري، لياقت ميمڻ، وحيد سولنگي، نياز مومن ڄامڙو، فقير محمد عباسي،شمن راڄپر، فياض سولنگي،عبدالجبار چانگ، فياض شيخ ۽ ٻين چيو ته صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ بهترين شخصيت جو مالڪ آهي جنهن پنهنجي قلم جي نوڪ سان نه رڳو عوام جا مسئلا حل ڪرايا آهن پر صحافين جوسگھارو آواز بڻيل آهي رات هجي يا ڏينهن هميشه صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي سالگرھ جي تقريب دوران صحافين صحافي اتحاد خيرپور صدر غلام حسين چانگ کي اجرڪ ،ٽوپي ،گلن جا هار ۽ ٻيا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button