ھنڱورجا

ھنڱورجا: حاڪم ڀٽي مرتضيٰ جمالي مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو، صحافين جو احتجاج

عزيز ميمڻ،هنڱورجا

Hakim Bhattiصحافي اتحاد خيرپور جي سڏ تي گمبٽ جي سينئر صحافي حاڪم ڀٽي ۽ پيروسڻ جي صحافي مرتضيٰ جمالي مٿان پوليس پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف هنڱورجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، منظور حسين جهانگر، فياض سولنگي، شمن راڄپر، هادي بخش خاصخيلي، حاڪم سهتو، محمد صديق سولنگي، آفتاب ڀنڀرو، عبدالجبار چانگ، سجاد آرائين ،مبشر جهانگر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن گمبٽ ۽ پيروسڻ پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي صحافي اڳواڻن چيو ته صحافي حاڪم ڀٽي ۽ مرتضيٰ جمالي جي مٿان پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن جيڪو وڏو ظلم آهي هنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي گمبٽ جي صحافي حاڪم ڀٽي ۽ پيروسڻ جي صحافي مرتضيٰ جمالي جي خلاف داخل ڪوڙن ڪيسن جي مڪمل طور تي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button