ٺٽو

ڪينجهر ڍنڍ تي قبضي وارو مامرو، جُمعي تي احتجاجي ميڙاڪو سڏائڻ جو اعلان

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
Gathering at Kenjhar banksتاريخي ڍنڍ ڪينجهر تي قبضي وارو مامرو، مُک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، سُڄاڻ ڌرين پاران ڪينجهر بچايو ايڪشن ڪميٽي قائم، جُمعي ڏينهن ڪينجهر ڪناري احتجاجي ميڙاڪو سڏائڻ جو اعلان، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪينجهر جي چُل سائيٽ واري حصي ۾ قبضو ڪري بند تعمير ڪرڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي، جهرڪ پوليس تحويل ۾ ورتل 2 مشينن ۽ سندن 2 ڊرائيورن جي گرفتاري کانسواء بااثر قبضاگيرن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪوبه تحرڪ نه ورتو، ڪينجهر جي اندرين حصي تي قبضا ڪري تعمير ڪرايل غير قانوني بند به اڃان تائين انتظاميه پاران نه ڊاٺو ويو آھي، ڪينجهر تي قبضي ۾ آبپاشي کاتي جو رٽائرڊ ڪامورو سڌيء ريت ملوث آهي، آبپاشي کاتي جي انتظاميه ۽ پوليس کيس بچائي رهي آهي، سُڄاڻ ڌريون، سنڌ ملاح فورم ۽ ڪينجهر ڪنزرويشن نيٽ ورڪ ۽ مقامي سڄاڻ ڌرين پاران معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ويئي آھي، ان سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر رئيس محمد سليم گندرو، ملاح اڳواڻ آدم گندرو ۽ ڪي سي اين جي ارشاد عمر گندرو پريس ڪلب مڪلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف ٿيل قبضن کي خالي ڪرائڻ ۽ چل سائيٽ وٽان ڪينجھر ڍنڍ ۾ قبضو ڪندڙ بااثر ماڻھن کي ڪيس ۾ نامينيٽ ڪرائڻ لاء ڪينجهر بچايو ايڪشن ڪميٽي قائم ڪئي ويئي آھي، جنھن جو چيئرمين رئيس محمد سليم گندرو، جنرل سيڪريٽري محمد آدم گندرو، خزانچي ارشاد عمر گندرو، ميمبرن ۾ انيس ھيلايو، محمد ايوب ملاح، محمد ھاشم سولنگي، عبدالحميد پالاري، قادر پالاري، عبدالحڪيم. گندرو، عبدالرحمن گندرو ۽ ٻين کي کنيو ويو آھي. ھنن چيو تہ ڪينجھر بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران جمعي ڏينهن ڪينجهر ڪناري ڪينجهر تي قبضي واري معاملي بابت احتجاجي ميڙاڪو سڏائي احتجاجي تحريڪ هلائڻ لاء راء عمل جوڙيو ويندو، جنھن ۾ ڪينجھر ڍنڍ جا رھواسي ماھيگير ڀرپور نموني شرڪت ڪن. ھنن چيو تہ سندن جدوجھد ڪينجھر جي سموري قبضي ختم ٿيڻ تائين ڪاري رھندي. ان موقعي تي محمد ايوب ملاح ۽ بيا پڻ موجود ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button