ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت، فوت ٿيل ناري جا وارث عدالت پھچي ويا انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي

ڄامشوري جي لمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غلفت سبب ويم دوران عورت ۽ سندس ٻار فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف فوتي عورت جا وارث عدالت پهچي ويا.
عورت ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي آهي، ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. عدالت ۾ درخواست داخل.
وڪيل نورالامين سپيو جي معرفت ايڊيشنل سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ وارثن پاران لمس اسپتال ڄامشورو جي اي ايم ايس نياز ٻٻر ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽرن خلاف ايف آء آر داخل ڪرڻ لاء A22 جي درخواهت داخل ڪئي.
عدالت جي نوٽيس تي لمس اسپتال جو اي ايم ايس نياز ٻٻر پيش، ڇنڇر تي سموري رڪارڊسميت پيش ٿيڻ جو حڪم.
ياد رهي ته 12 ڏينهن اڳ علي آباد ويجهو ڳوٺ موٽيو خان برفت جي رهواسڻ 25 سالہ فوزيه برفت کي وارثن ڊليوري لاءِ لمس اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪرايو، ڊاڪٽرن پاران نارمل ڊليوري ٻڌائي ڇوڪري جو آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران فوزيه برفت ۽ سندس ٻار فوت ٿي ويو، هئو، جنهن بعد وارثن لمس اسپتال جي گيٽ اڳيان ايمبولنس ۾ ڇوڪري جو لاش رکي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو هو،ڇوڪري جي ڀاء دلبر برفت موجب ڊاڪٽرن چيو هو ته ڊليوري نارمل ٿيندي، پر ڊليوري دوران آپريشن ڪئي وئي جنهن کان پوءِ منهنجي ڀيڻ ڪيترائي ڪلاڪ تڙپندي رهي ۽ اتي موجود ڊاڪٽرياڻيون موبائل هلائينديون رهيون، ڪيترائي دفعا انهن کي ڀيڻ جي علاج جو چيو پر انهن ڪوبه علاج نه ڪيو ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ڀيڻ فوت ٿي آهي.
لمس اسپتال جي اي ايم ايس نياز ٻٻر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وارثن کي چيو هوم ته هو لکت ۾ درخواست ڏين ته جيئن معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي پر وارثن مون سان رابطو ڪرڻ بدران ڪورٽ ۾ ويا آهن. اسان جي انٽرنل انڪوائري پڻ هلندڙ آهي، جيڪڏهن ڊيوٽي ڊاڪٽرن جي غفلت ثابت ٿي ته انهن خلاف قدم کنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button