ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ نوجوان ۽ عورت جا لاش گھرن مان ھٿ، خودڪشي جو خدشو

عمران چانڊيو،ڪوٽڙي

ڪوٽڙي ۾ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ عورت ۽ نوجوان جا سندن گهرن مان لاش هٿ ڪيا ويا آھن,، ٻنهي واقعن کي وارث خودڪشي قرار ڏئي رهيا آھن، جڏهن ته پوليس ٻنهي ڄڻن جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاء جاچ شروع ڪندي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرايا،ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد ليبر اسڪوائر ڀرسان بلوچ ڪالوني واسي پورهيت 22 سالن جو جاويد لغاري جو سندس گهر مان لونڌڙي ۾ پسٽل جي گولي لڳڻ سبب لاش هٿ ڪيو ويو آھي ،وارثن جاويد لغاري جي واقعي کي پاڻ مٿان مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري آپگهات قرار ڏنو آھي ،اهڙو اطلاع ملڻ تي سائيٽ پوليس گهر پهچي نوجوان جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ ساڳين ڏينهن تي ٻٻر اسٽاپ واري علائقي ۾ 30 سالن جي شادي شده عورت صائمه چانڊيو جو لاش پکي ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو آھي اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو،ٻنهي لاشن جو پوليس پاران پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو،هوڏانهن عورت جي موت جو ڪارڻ بابت چئو ٻول آھن ته هو پنهنجي مڙس سان ناراض ٿي هئي ۽ مائٽن جي گهر هلي وئي هئي جتان واپس مڙس کيس گهر وٺي آيو ته واقعو پيش آيو ،ناري جي والد وزير چانڊيو پوليس آڏو موقف ڏنو آھي ته منهنجي ڌي گذريل رات مڙس معشوق علي چانڊيو سان ناراض ٿي منهنجي گهر سڪندر آباد هاري ڪئمپ آئي پوء رات دير سان سندس مڙس مون وٽ آيو جيڪو پرچائي گهر وٺي ويوس منجهند خبر پئي ته منهنجي ڌي جو لاش پکي ۾ ٽنگيل آھي جاء واردات تي پهچي پوليس کي اطلاع ڪيو،فوتي عورت جي والد موقف اختيار ڪيو ته منهنجي ڌي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري معامري جي اصل حقيقتون ظاهر ڪيون وڃن ،فوتي عورت جو مڙس معشوق چانڊيو صنعتي زون ڪوٽڙي ۾ پورهيت آھي ،فوتي عورت کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد آھي ،ايس ايچ او سائيٽ ڪوٽڙي طاهر مغل موجب معامري جي جاچ ڪريون پيا اسان کي عورت جي خودڪشي ڪرڻ جو اطلاع مليو هو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال آندو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو آھي,جڏهن ته نوجوان جاويد لغاري جي موت بابت به خودڪشي ڄاڻايو ويو آھي پر اسان معامري جي جاچ ڪريون پيا وارث هينئر ڏک ۾ ورتل آھن جاچ ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي تدفين وغيره ڪري وٺن ته پوء باقاعده جاچ ڪنداسين فلحال اسان کي ٻنهي واقعن بابت خودڪشي ٻڌائي وئي آھي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچن پوء ڪجھ حقيقتون ٻڌائينداسين,هوڏانهن ٻنهي عورت ۽ نوجوان جا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ڪهرام مچي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button