ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: واٽرسپلاءِ جون اسڪيمون غير فعال، ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي کان محروم

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

Shortage of water at Site Area Kotriڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن ۾ واٽرسپلاءِ جون اسڪيمون غير فعال ،ڪراچي واھ جي ڪپ تي آباد سمان ڳوٺ واسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم عورتن ۽ ٻارڙن جو احتجاج .
ڪوٽڙي سائيٽ ڪيترن ئي ورهين کان پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو ، ڪراچي واھ جي ڪنڌي تي واقع سمان ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عورتن ۽ ٻارڙن جو احتجاج ، احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته ميونسپل ۽ ضلعي انتظاميه جي نااهلي سبب واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون ناڪاره بڻجي چڪيون آهن ، جنهن سبب سخت گرمي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ، هوڏانهن ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي پوپٽ ڳوٺ ۾ واقع ، پوپٽ خاصخيلي واٽر ٽئنڪ گذريل 20، سالن کان ناڪاره هجڻ سبب ، ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن ، پوپٽ ڳوٺ ، مسڪين چانڊيو ، عيسى دل ڳوٺ ، ٻٻراسٽاپ ، ابڙا چونڪ ، بلوچ ڪالوني ،جهتيال فارم ۽ خدا جي بستي سميت ويھ کان وڌيڪ علائقن ۽ پاڙن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ برقرار آهي ٻئي پاسي گرمي ۾ اضافو ٿيندي ۽ ٽينڪر مافيا ٽئنڪرن جا اگھ وڌائي ڇڏيا آهن علائقي واسين جو چوڻ هو ته 1500 کان 2000، جي ملھ عيوض في ٽينڪر لهرائڻ تي مجبور آهيون ،هنن سي ايم سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته واٽر سپلاء جون اسڪيمون فعال بڻائي علائقي واسين کي رليف فراهم ڪيو وڃي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button