ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: حيدرآباد جي سينئر صحافين کي مليل ڌمڪين خلاف احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
Kotri journalists protestingحيدرآباد جي سينئر صحافي سليم ملاح ، فهيم ٻٻر ۽ ذاڪر علي کي حيدرآباد پوليس پاران مليل ڌمڪين خلاف ڪوٽڙي جي صحافين پاران احتجاج .
حيدرآباد پوليس ڇلڳري جي ڊي ايس پي پاران صحافين سليم ملاح ، فهيم ٻٻر ۽ ذاڪر علي کي ايف آئي آر ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي جي صحافين پاران احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڪوٽڙي جي صحافين مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي فهيم فاروقي انڊر انڪوائري آهي کيس سيٽ تان هٽايو وڃي ۽ صحافين سان انصاف ڪيو وڃي ، قلم ڌڻين کي هيسائڻ ، ڌمڪائڻ جو سلسلو بند ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملڪ گير سخت احتجاج ڪيو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button