سنڌيونيورسٽيڪوٽڙي

ڄامشورو: سيمسٽر فيس معاف ڪئي وڃي، شاگردن جو احتجاج

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي

هيڪ جي پاليسين ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمسٽر فيس معاف نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد سراپا احتجاج ، احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي 2 بلاڪ اڳيان ڌرڻو ڏنو ويو.
عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ، سيمسٽر فيس معاف نه ٿيڻ ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي پاليسين خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي انتظامي شعبي (اي سي ٽو ) اڳيان ڌرڻو ڏنو ، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن اسيس لغاري ، ڪانڀو خان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس سبب ، جتي سڄي دنيا جا تعليمي ادارا شاگردن کي رليف ڏئي رهيا آهن اتي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن شاگردن جي مستقبل سان کيڏي رهي آهي ، هنن مطالبو ڪندي چيو ته احتجاج جو نوٽيس وٺي ، شاگردن کي رليف فراهم ڪيو وڃي ، سندن سيمسٽر فيس معاف ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button