ٺٽو

ٺٽو: ڪيترن سالن کان سم نالي آر ڊي 14 جي کاٽي نه ٿي سگھي، ڳوٺاڻا پريشان

ايم ايڇ ڪنڀار,ٺٽو

Galmanda villagers protesting
يوسي گلمنڊا جا ڳوٺاڻا احتجاج ڪندي

امڪاني برساتن جي خدشي سبب يوسي گلمنڊا جي ٻاپڙا موري لڳ ديھ ککر ھالا ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آر ڊي 14 سم نالي جي کانٽي نہ ٿيڻ ڪري ڳوٺ ٻڏڻ جو خطري خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاھرو، ديھ ککرھالا جي رھواسين عبداللہ صديقي، پيار علي جاکرو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھندي چيو آھي تہ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سم نالي آر ڊي 14 جي کانٽي نہ ٿيڻ ڪري اسان جون زمينون پاڻي ھيٺ اچڻ ڪري اسان کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي، ھنن چيو تہ اسان ڪيترائي ڀيرا محڪمہ ڊرينج کي ڌانھون ڏيڻ باوجود اسان کي سم نالي جي کانٽي نہ پئي ڪرائي ڏني وڃي، ڳوٺاڻن چيـو تہ کانٽي نہ ٿيڻ ڪري اسان گھڻي پريشاني جو شڪار بڻيل آھيون،گذريل سال زوردار سانوڻي برسات پوڻ ڪري پاڻي اسان جي زمينن ۾ ڪاھي پيو ھو جنھن ڪري اسان جا فصل ٻڏي وڃڻ ڪري اسان کي وڏو نقصان رسيو ھو ھنن چيو تہ اگر سم نالي جي کانٽي ٿيل ھجي ھا تہ اسان غريب ماڻھون نقصان کان بچي وڃون ھا،ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تہ ايندڙ برسات گذريل سال کان بہ وڏي پوڻ جا امڪان آھن اگر ائين ٿيو تہ اسان جا وري فصل ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچڻ ڪري وڏا نقصان ٿيڻ جا انديشہ آھن،ديھ ککرھالا جي ڳوٺاڻن جو محڪمہ ڊرينج ٺٽو،ڊي سي ٺٽو،۽ حڪومت وقت کان مطالبو ڪندي چيو آھي فوري آر ڊي 14 سم نالي جي کانٽي ڪرائي اسان کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button