ٺٽو

ٺٽو: پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي قتل کي 10 ڏينھن ٿي ويا، جوابدار قانون جي پھچ کان پري

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو

Allah Dino Palijo and Zamiran Masan
الھڏني پليجي ۽ ضميران مسڻ جي حياتي

دڙي واسي پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي وحشناڪ قتل کي 10 ڏينھن گذرڻ باوجود قتل ڪيس ۾ نامزد بااثر جوابدار گرفتار نه ٿيا. بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان جي ماء ۽ پيء پٽ جي جدائي ۾ بي حال. وارثن طرفان ٺٽو پوليس تي بااثر جوابدارن کي بچائڻ جو الزام. جانچ تي بي اعتمادي ظاھر. بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪراچي, حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ احتجاج جو اعلان. تفصيل موجب دڙي لڳ ڳوٺ يوسف پليجو جي رھندڙ نوجوان الھڏنو پليجو ۽ ٺٽي واسڻ ناري گل ضميران مسڻ جي پسند واري پرڻي تان ٺٽي ۾ بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري واقعي کي ڏھ ڏينھن گذرڻ باوجود وارثن طرفان قتل ۾ نامزد ڪيل بااثر ٽن جوابدارن کي ٺٽو پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگھي آھي. جوڙي جي قتل واري واقعي کانپوء مقتول نوجوان الھڏني پليجو جو پوڙھو پيء سومار پليجو ۽ ماء ياسمين پليجو پٽ ۽ نھن جي جدائي ۾ روئي روئي بي حال ٿي ويا آھن. ھر وقت پٽ کي ساريندي کين سڏڙا ڪن ٿا. ان موقعي تي ھنن صحافين سان ڳالھائيندي قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو ته خدا انھن کي تباھ ۽ برباد ڪري جن سندن نوجوان پٽ ۽ ان جي وني کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي. الله وٽ دير ضرور آھي پر اندھير ناھي قاتل ضرور پنھنجي مطقي انجام تي پھچندا. جڏھن ته ٻين وارثن ممتاز پليجو, ھارون رشيد پليجو, عبدالروف پليجو ۽ ٻين ٺٽو پوليس جي قتل ڪيس تي ٿيندڙ جانچ تي بي اعتمادي ظاھر ڪندي چيو ته ڪجھه طاقتور بااثر سياسي ڌريون قتل ڪيس ۾ نامزد باثر جوابدارن کي بچائي رھيون آھن. جڏھن ته قتل واقعي کي ڏھ ڏينھن گذري ويا آھن پر ٺٽو پوليس بااثر قاتلن جي گرفتاري کان سڌو سنھون لنوائي رھي آھي. ائين لڳي رھيو آھي ته ھتي غريب, ڪمزور ۽ بيگناھ انسانن جي جانين جي ڪابه اھميت ناھي. بااثر ڀوتار جنھن کي به قتل ڪرائي ڇڏين. قانون به سندن ڪجھ بگاڙي نٿو سگھي. ھنن چيو ته بااثر جوابدارن طرفان کين ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪايو پيو وڃي. مرڻ گھڙي تائين قاتلن کي پنھنجي منطقي انجام تائين پھچائي پوء دم پٽينداسين. ھنن اعلان ڪيو ته مقتول الھڏني پليجو ۽ سندس وني گل ضميران جي قاتلن جي گرفتاري لاء سڀاڻي کان مرحليوار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button