ٺٽو

ٺٽو: پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو، دوکي سان قتل

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو
Love marriage couple killedٺٽي لڳ بيدردي سان قتل ٿيل جوڙي جي معاملي ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف، گوليون هڻي ڪار ۾ قتل ڪيل نوجوان جوڙي الهڏنو پليجو ڪجهه عرصو اڳ ٺٽي جي رهواسڻ ناري گل ضميران مسڻ سان پرڻو ڪيو هو، گذريل رات ناري جي وارثن دعوت جي بهاني تي جوڙي کي ٺٽي گهرائي گوليون هڻي قتل ڪيو، قتل جو مک جوابدار ناري جو ڀاء راجا مسڻ گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو، تفصيل موجب گذريل رات دير سان ٺٽي شھر جي هاء اسڪول روڊ تان ڪار ۾ گوليون لڳل حالت ۾ لاش ھٿ آيا آھن، پوليس سڄي علائقي کي ڪڙو چاڙھي، رستا سيل ڪري ڇڏيا، اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان واقعي واري هنڌ پهچي ڪار جو معائنو ڪري واقعي بابت مقامي پوليس کان تفصيل معلوم ڪندي چيو تہ
پوليس پاران مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ لاء نادرا کان مدد حاصل ڪرڻ سميت جوابدارن جو پتو لڳائڻ لاء فنگر پرنٽ حاصل ڪيا ويا آھن. ايس ايس پي ٺٽو موجب واردات ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائڻ توڙي واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاء ڊي ايس پي ٺٽو جمعان خان پنهور ۽ ايس ايڇ او ٺٽو امير بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم قائم ڪئي ويئي آهي. ھن چيو تہ بيدري سان قتل ٿي ويل مرد ۽ عورت جا لاش سول اسپتال مڪلي پوسٽ مارٽم لاء نيا ويا آھن، جنکي ويجھي کان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، جن جي سڃاڻپ الھڏنو پليجو ۽ عورت جي سڃاڻپ گل زميران مسڻ طور ٿي آھي. ٻئي طرف جانچ ڪندڙ پوليس انڪشاف ڪيو آھي تہ ڪجهه وقت اڳ ٺٽي جي رهواسڻ عورت سان پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان الهڏنو پليجو ۽ سندس وني گل ضميران مسڻ کي دوکي ذريعي ٺٽي گهرائي قتل ڪيو آھي. پوليس موجب نوجوان ۽ عورت کي دعوت تي گھرائي ناري جي ڀاء راجا مسڻ قتل ڪيو آھي، جانچ پوليس موجب ٺٽي جي بخاري محلي جي رهواسڻ ناري گُل ضميران مسڻ ڪجهه عرصو اڳ دڙي لڳ لائقپور جي رهواسي نوجوان الهڏنو پليجو سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، نوجوان الهڏنو پليجو سان ناري گل ضميران مسڻ جي وارثن جو ڦڏو هلندڙ هو بعد ۾ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو به ٿيو هو: پوليس موجب ھو ڳوٺ ڇڏي ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ رهندا ھئا، جتان نوجوان الهڏنو پليجو ۽ سندس گهرواري گل ضميران مسڻ کي رات عورت جي وارثن مسڻ محلي ٺٽي ۾ سندن گهر دعوت جي بهاني گهرايو، جتان دعوت کان فارغ ٿيڻ بعد دوکي ذريعي کين هاء اسڪول روڊ تي هڪ درگاه جي سلامي ڀرڻ جي بهاني نيو ويو، جتي درگاه جي سامهون کين گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري سندن زندگين جا ڏيئا اجھائي ڇڏيا، پوليس موجب ٺٽو پوليس پاران ناري گل ضميران مسڻ جي جوابدار ڀاء راجا مسڻ جي گرفتاري لاء ڇاپا شروع ڪري ڇڏيو آھي. آخري اطلاعن تائين ڪابہ گرفتاري عمل ۾ اچي ناھي سگھي. ٻئي طرف مارجي ويل نوجوان الهڏنو پليجو ۽ سندس وني گل ضميران مسڻ جو لاش سول اسپتال ٺٽو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، ٻنهي مقتولن جا لاش وارث دڙي ويجهو ڳوٺ يوسف پليجو کڻائي ويا. ھوڏانھن سول اسپتال ٺٽو جي ٽن ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم ٻنھي مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪيو، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ٽيم انچارج ڊاڪٽر گيانچند موجب نوجوان الھڏنو پليجو کي مٿي ۾ 3 گوليون ۽ ناري گل ضميران مسڻ کي مٿي ۾ ويجھي کان 2 گوليون لڳل ھيون، پوليس ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، ٻئي طرف مارجي ويل نوجوان جي وارثن پيء سومار پليجو ۽ سئوٽ ھارون پليجو موجب مقتول نوجوان الهڏنو پليجو 2 سال اڳ ٺٽي جي رهواسڻ ناري گل ضميران مسڻ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، نوجوان جوڙي واري معاملي تي نوجوان ۽ ناري جي وارثن وچ ۾ چڱن مڙسن ذريعي ڳالهين ذريعي نبيرو به ٿيو هو، ھنن چيو تہ اسان جي نوجوان الهڏنو پليجو ۽ سندس وني گل ضميران مسڻ کي ناري جي وارثن دوکي ذريعي ٺٽي گهرائي قتل ڪيو آهي، معاملا چڱن مڙسن ذريعي طئي ٿيا هئا پر ناري گل ضميران جي ڀاء راجا مسڻ پنهنجي ساٿين جي مدد سان دوکي ذريعي اسان جي ٻن نوجوانن کي قتل ڪري اسان سان وڏو ناحق ڪيو آهي، ھنن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻمي طرف ٺٽو پوليس موجب وارث لاش کڻائي تدفين لاء ڳوٺ هليا ويا آهن، تدفين بعد اچي ڪيس داخل ڪرائيندا، سندن نشاندهي تي جوابدار راجا مسڻ ۽ سندس ساٿين جي گرفتارين لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن، جيڪي گھر ڇڏي فرار ٿي ويا اھن، جنکي جلد گرفتار ڪري مقتولن جي خونن سان انصاف ڪرايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button