ٺٽو

ٺٽو: ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن کي ٻن مھينن کان پگھارون نه مليون

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

Muncipal employees protesting
ميونسپل ڪميٽي ٺٽی جا ملازمن احتجاج ڪندي

ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ملازمن کي گذريل ٻن مھينن کان پگھارون نہ ملڻ ڪري سندن ٻچا فاقہ ڪشي تي مجبور، ملازمن پاران سنڌ بئنڪ آڏو احتجاج، رھيل پگھارون ڏيئي پريشاني کان بچائڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ آل ملازم اتحاد ميونسپل ڪميٽي طرفان ميونسپل ڪميٽي جي ڪيترن ئي پگھارن کان محروم ٿيل ملازمن سنڌ بئنڪ ٺٽو اڳيان ملازم اڳواڻ عنايت شاھ، محمد علي کتري، حنيف چنڊ، مراد ھيجب جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو تہ کين گذريل ٻن مھينن کان پگھارون نہ ملڻ ڪري سندن ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن، دڪاندارن کين راشن ڏيڻ بہ بند ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو تہ سنڌ بئنڪ جي ملازمن جي ڪرونا وائرس ٽيسٽ پازيٽيو اچڻ بعد بئنڪ کي گذريل چئن ڏينھن کان بند ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري سندن پگھارون ٿي ناھن سگھيون. ھنن چيو تہ سندن پگھارون ڪمپيوٽر تي چاڙھي آن لائين ڪيون وڃن جيئن ھو ٻئي ڪنھن بئنڪ مان پگھارون حاصل ڪري ٻچن کي فاقہ ڪشي کان بچائي سگھن. سگھن. ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ممتاز چنڊ ڊي سي ٺٽو ۽ سنڌ بينڪ انتظاميہ سان رابطو ڪري پگھارن جو مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button