ٺٽو

ٺٽو: بااثر ماڻھو جاءِ تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ليڊي ھيلٿ ورڪر جو مڙس سميت صحافين آڏو دانھن

ايم ايڇ ڪنڀار،ٺٽو

Health worker protesting
ھيلٿ ورڪر حاجران سومرو پنھنجي مڙس منظور علي سومرو سان گڏ پريس ڪندي

مڪلي ناريجا ڳوٺ جي رھواسڻ ليڊي ھيلٿ ورڪر حاجران سومرو پنھنجي مڙس منظور علي سومرو سان گڏ پريس ڪلب مڪلي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ 9 مھينا اڳ مڪلي ناريجا ڳوٺ ۾ ھڪ جڳھ خريد ڪري رھائش پذير آھيون، جنھن جڳھ جا ڪاغذ پڻ اسان وٽ موجود آھن ان ھوندي بہ گذريل 6 مھينن کان مقامي بااثر ماڻھون جن ۾ اسلم سمون، صديق ٻجورو ۽ ٻيا زبردستي اسانکي بيدخل ڪري اسانجي جاء تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ليڊي ھيلٿ ورڪر حاجران سومرو الزام ھڻندي چيو تہ مذڪوره بااثر ماڻھن ڪافي ڀيرا اسانجي گھر تي ڪاھ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سميت منھنجي مڙس کي اغوا ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، پر منھنجي رڙين تي پاڙي وارن کيس ڇڏائي ورتو. ھن چيو تہ اسانکي مذڪورہ بااثر ماڻھن مان جاني، مالي نقصان جو خطرو آھي. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري سندن خريد ڪيل جڳھ تي قبضو ڪري کين بيدخل ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button