ٺٽو

ٺٽو: انتظاميه عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ بابت طريقه ڪار جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٺٽو
ضلعي انتظاميه ٺٽو عيدالاضحيٰ جي موقع تي قرباني جي جانورن جون کلون جمع ڪرڻ بابت طريقه ڪار جاري ڪري ڇڏيو. گھرو کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ بابت ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد عثمان تنوير جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس ڪميٽي جي گڏجاڻي منعقد ٿي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پاران هڪ پڌرائي جاري ڪئي ويئي آهي جنهن تحت بغير اجازت قرباني جي جانورن جون کلون جمع ڪرڻ تي پابندي هوندي. کلون جمع ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان اجازت وٺڻ لازمي هوندو ۽ ان ڳالهه کي پڻ يقيني بنائڻو پوندو ته اهڙي قسم جي اجازت وٺڻ لاءِ پاليسي هدايتن ۽ نيڪٽا جي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. سال 2019ع دوران اجازت وٺندڙ فرد ۽ ادارا پڻ کلون جمع ڪري سگھن ٿا جڏهن ته کين ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پنهنجو منصوبو (پلان) جمع ڪرڻ ۽ تنظيم جي سربراه پاران صحيح ٿيل انڊرٽيڪنگ جمع ڪرڻو پوندو ته هو سمورن شرطن ۽ ضابطن جي پابندي ڪندا. پڌرائي موجب قرباني جون کلون فقط رجسٽرڊ خيراتي ادارا، مدرسه ۽ فلاحي تنظيمون جمع ڪري سگھن ٿا، پابندي مڙهيل تنظيمن کي کلون جمع ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کلون جمع ڪرڻ لاءِ ڪيمپ يا بينر لڳائڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال سميت گاڏين ذريعي کلون جمع ڪرڻ تي پڻ پابندي هوندي جڏهن ته زبردستي ۽ هٿيارن جي زور تي کلون جمع ڪرڻ ناقابل برداشت ڏوهه هوندو. ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو آهي ته قرباني وارن ڏينهن دوران گھرو کاتي سنڌ جي حڪم مطابق هٿيارن جا لائسنس پڻ معطل رهندا، کلون جمع ڪندڙن کي شناختي ڪارڊ ۽ پرمٽ پاڻ سان گڏ رکڻ لازمي هوندو جڏهن ته ضلعي انتظاميه جي حڪم تي قانون نافذ ڪندڙ ايجسنيون تعميل کي يقيني بنائڻ لاءِ موقع تي چيڪنگ ڪري سگھنديون ۽ ڪنهن به شرطن ۽ ضابطن خلاف ورزي ڪندڙ ماڻهن خلاف لاڳاپيل قانون تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button