ھنڱورجا

هنڱورجا: قومي شاهراھ تي تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار وچم زوردار ٽڪر، پيءُ پُٽ فوت

رپورٽ عزيز ميمڻ، هنڱورجا

هنڱورجا لڳ قومي شاهراھ تي شاھ جي مشين اسٽاپ سامهون تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار وچم زوردار ٽڪر،ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ پُٽ فوت، فوتي جي گھرواري شديد زخمي،اسپتال داخل،پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڊرائيور فرار، روڊ حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. تفصيل موجب شاھ جي مشين سامهون قومي شاهراھ تي چڪوال کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ ئي گھر جا ڀاتي 28 سالا عمير آصف سندس 2 سالا پُٽ ارحان علي فوت ٿي ويا .جڏهن ته فوتي جي گھر واري مسمات صابران شديد زخمي ٿيڻ ڪري کيس گمس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هوڏانهن راڻيپور پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس موجب ڪار ۾ سوار پنجاب جي شهر چڪوال جار هواسي آهن جيڪي ڪراچي وڃي رهيا هئا ته شاھ جي مشين ڀرسان روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا.جنهن ۾ پيءُ پُٽ فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ عورت شديد زخمي ٿي پئي آهي.فرار ٿي ويل ٽرالر ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڳولها ڪئي پئي وڃي.هوڏانهن آخري اطلاعن تائين روڊ حادثي جو ڪو به ڪيس نه ٿي سگھيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button