قبوسعيدخان

قبوسعيدخان: سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مظاھرو

شبير مگسي، قبوسعيدخان

STP members protesting 1
ايس ٽي پي اڳواڻ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف مظاھرو ڪندي

قبوسعيدخان ۾ سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي غلام مصطفيٰ بروهي جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽينڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ايس ٽي پي جي غلام مصطفيٰ بروهي ، محمد معشوق مگسي غلام نبي چنو سميت ٻين چيو ته سيف الله مگسي پرانچ جي مختلف شاخن جنهن ۾ قبو شاخ پتوجا شاخ ، شاھ بيگ شاخ ، لنڊي شاخ ، امداد مائنير ، ڍوري شاخ سميت ٻين شاخن ۾ مسلسل 5 سالن کان زرعي پاڻي جو هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هتان جي هارين آبادگارن کي هٿي وٺي تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هنن وڌيڪ چيو انجنيئر عطاءُ الله چنجڻي پئسن عيوض اسان جي حصي جو پاڻي بلوچستان جي زميندارن کي غير قانوني واٽر ڪورسن ذريعي وڪرو ڪري ڏئي رهيو آهي جيڪو هتان جي آبادگارن سان سراسر ناجائزي آهي هنن وڌيڪ چيو سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري جبري رشوت تي مجبور ڪر رهيا آھن هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته سيف الله ڪينال مان هٿرادو پاڻي کوٽ ختم ڪري آبادگارن ۽ ھارين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت احتجاج جاري رهندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button