فريدآباد

فريدآباد: ڄامشورو مان گم ٿيل نوجوان جي وارثن پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، ڪنھن به قومپرست تنظيم سان تعلق ناھي

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Protest to recover Imtiaz Khaskheli
نوجوان شاگرد امتياز خاصخيلي جا وارث سندس بازيابي لاءِ پيادل مارچ ڪندي

ڄامشورو مان کنڀي گم ٿيل نوجوان شاگرد امتياز خاصخيلي جي وارثن جو بازيابي لا ڳوٺ الھڏنو تيوڻو کان پيادل ريلي ڪڍي پريس ڪلب فريدآباد اڳيان نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو، زور دار نعريبازي، بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان جي بازيابي جو مطالبو.
ڪاڇي جي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو واسي نوجوان شاگرد امتياز خاصخيلي جو سندس وارثن کي 19ڏينهن کان ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي. نوجوان جي وارثن امڙ حضوران، خاصخيلي، ڀيڻ مومل، ناهيدان، خاصخيلي ڀاءُ حاجي خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوجوان جون تصويرون هٿن ۾ کڻي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو کان فريدآباد پريس ڪلب تائين 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ميھڙ فريدآباد روڊ تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي نوجوان کي بازياب ڪريو جا زوردار نعرا ھنيا ان موقعي تي امتياز خاصخيلي جي وارثن صحافين اڳيان دانھيو ته 19 ڏينهن اڳ ڄام شورو مان بيگناهه اسان جي نوجوان امتياز خاصخيلي کي کنڀي کڻي گم ڪيو ويو آهي جنهن جو انتظاميه ڪوبه ڏس پتو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ھنن چيو ته امتياز جو ڪنهن به قومپرست تنظيم سان ڪوبه واسطو ۽ رابطو ناھي ان باوجود کيس گهرمان کنڀي گم ڪيو ويو آھي نوجوان جي وارثن وزيراعظم، وزير اعلي سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بيگناهه کنڀي گم ڪيل امتياز خاصخيلي کي آزاد ڪرائي سندس زندگي بچائي انصاف فراهم ڪيو وڃي..

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button