فريدآباد

فريدآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائس چيئرمين ڄام فتاح سميجو کي ڌمڪين خلاف مظاھرو

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

STP members protesting
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائس چيئرمين ڄام فتاح سميجو کي ڌمڪين خلاف مظاھرو

فريدآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائس چيئرمين ڄام فتاح سميجو کي ميان شفيق پاران مبينا موتمار ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو،پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ترقي پسند پارٽي جي وائس چيئرمين ڄام فتاح سميجو کي مليل ڌمڪين خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران عبدالفتاح گائنچو، عنايت چانڊيو ،فدا چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت نعريبازي ڪئي ويئي مظاھرو ڪندڙن پريس ڪلب اڳيان ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڄام فتاح سميجو اڪيلو ناهي جو ڌمڪيون پيون ملن سنڌ جو ھلالي ٻچو ٻچو ڄام سميجو سان گڏ آھي ھنن ايس ايس پي ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ شخص تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج دائرو وڌايو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button