فريدآباد

فريدآباد: سنڌ اولياء ڪرام ۽ صوفين جي پرامن ڌرتي آهي، جي يو آءِ اڳواڻ

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

JUI leaders at Faridabad
جي يو آءِ جي مرڪزي نائب امير پاڪستان عبدالقيوم ھاليجوي پريس ڪانفرنس ڪندي

فريدآباد ۾ درگاهه ھاليجوي شريف جي گادي نشين جي يو آءِ جي مرڪزي نائب امير پاڪستان عبدالقيوم ھاليجوي سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ فريدآباد ۾ پيش ايندڙ واقعي تي فريدآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ اولياء ڪرام ۽ صوفين جي پرامن ڌرتي آهي جتي ھر ڪو ماڻهو امن ڀائيچاري سان زندگي گذاري ٿو ھي جيڪي واقعا پيش اچـن ٿا اھي ڏکوئيندڙ آهن ھي جيڪي مذهبي توھين آميز واقعا ٿين ٿا انھن پويان ڳجھا ڪارندا ملوث آهن اسان انهن کي پنهنجي عمل ذريعي شڪست ڏينداسين اسان پرامن آھيون ۽ رھنداسين مذهبي انتشار ڦھلائيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪنداسين ان موقعي تي جي يوآءِ جي نائب امير قمبر شھدادڪوٽ مير حسـن جنرل سيڪريٽري جي يوآءِ انور کونھارو مسعود احمد پنھور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته خميس ڏينهن ميھڙ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو ان موقعي تي جوھر بروھي علي عباس بروھي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button