فريدآباد

فريدآباد: رورل سينٽر مان دعوائون مريضن بجاءِ ميڊيڪل اسٽورن تي پھچڻ لڳيون، شھرين جو الزام

جڙيل چانڊيو، فريدآباد

Villagers protesting agaist shortage of medicine
دوائن جي کوٽ خلاف فريدآباد جي شھرين جو مظاھرو

پي پي ايڇ آءِ جي انتظام ھيٺ ھلندڙ رورل سينٽر قاضي عارف ۾ سرڪاري دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪرڻ ۽ غريب مريضن کي دوائون نه ملڻ تي ،هاري مزدور اتحاد پاران اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري گيٽ اڳيان 4 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي ۽ سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي حاجي اسحاق سوڍر ،صدام وزير سوڍر ،رياض کوسو،صاحب سوڍر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي پي ايڇ آءِ اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر سنتوش ڪمار ۽ ڊاڪٽر اياز چانڊيو تي الزام هڻندي چيو ته غريب مريضن لاء آيل سرڪاري دوائون شهر جي پرائيويٽ اسٽورن تي وڪرو ڪن ٿا جڏهن ته مريضن کي پرچيون لکي ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان وٽ دوائون نه آهن ٻاهريان وٺي اچو جڏهن هر مهيني لکين روپين جون دوائون اچن ٿيون جيڪي ڊاڪٽر ميڊيڪل اسٽورن کي وڪرو ڪن ٿا هنن وڌيڪ چيوته ڊاڪٽرن جي اھڙي غير قانوني عمل جي ڪري سرڪاري اسپتال علائقي واسين لاء بي لاڀ بڻيل آهي جنهن سبب ڳوٺاڻا عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهن ٿا ۽ ٻنهين هٿن سان ڦرجن ٿا هنن ڊي ايڇ او دادو صحت واري وزير وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ڪرپٽ ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪري علائقي واسين سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button