فريدآباد

فريدآباد: توھين صحابه جي الزام ۾ نوجوان گرفتار

جڙيل چانڊيو ، فريدآباد

Munawar Chandio
گرفتار دڪاندار منور چانڊيو

فريدآباد ۾ سوشل ميڊيا تي اصحاب سڳورن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ تي، ايس ايس پي دادو پاران نوٽيس، فريدآباد جو دڪاندار گرفتار.
تفصيل موجب فريدآباد ۾ سوشل ميڊيا تي اھلبيت جي حمايت ۽ اصحابه سڳوري جي شان ۾ گستاخي واري شاعري پڙھڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد فريدآباد پوليس دڪاندار منور پٽ بشير چانڊيو کي گرفتار ڪري کڻي وئي.فريدآباد پوليس ايس ايڇ او سجاد جمالي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي صحابه رسول جي شان ۾ گستاخي واري وڊيو وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي دادو جي حڪم تحت منور چانڊيو کي گرفتار ڪيو آھي. ھن چيو ته گرفتار ھمراهه جي ذهني توازن ٺيڪ نه ھئڻ جون شاھديون ملي رھيون آھن . ڪنهن کي به مذھبي انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button