ھنڱورجا

صحافي اتحاد خيرپور جو اڳواڻ صحافي حاڪم ڀٽي آزاد

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

Hakim Bhati
ھنڱورجا: سينٽر جيل مان آزاد ٿيندڙ سينئر صحافي حاڪم ڀٽي سان گڏ صحافي اتحاد خيرپور جو صدر غلام حسين چانگ ۽ ٻيا گڏ بيٺل آھن

صحافي اتحاد خيرپور جو اڳواڻ ۽ گمبٽ جو نوجوان صحافي سينٽر جيل خيرپور مان آزاد ٿي گھر پهچي ويو ،سندس جي شاندار آجيان ڪئي وئي. تفصيل موجب صحافي اتحاد خيرپور جو اڳواڻ ۽ گمبٽ جو سينئر صحافي حاڪم ڀٽي ڪجھ عرصو سينٽر جيل خيرپور ۾ قيد رهڻ بعد ڪيس ۾ ضمانت کانپوءِ آزاد ٿي گھر پهچي ويو آهي حاڪم ڀٽي جي آزادي وقت سينٽر جيل خيرپور جي اڳيان صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ، ياسين راڄپر، حسين بخش ڪٻر، غلام شبير ڦليو،خان محمد سولنگي ، مديجي جي صحافي ايوب بروهي، تنگواڻي جي صحافي باري ملڪ سميت خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن کان آيل صحافين حاڪم ڀٽي جي شاندار آجيان ڪئي ان دوران جسقم جو وائيس چيئرمين امجد مهيسر، ايوب لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پڻ صحافي حاڪم ڀٽي ۽ ضمير ڀٽي کي آزاد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ گلن جا هار پارايا ان موقعي تي صحافي حاڪم ڀٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ضمانت تي آزادي حق ۽ سچ جي فتح آهي صحافي اتحاد خيرپور سميت ضلعي جي سڀني صحافين جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي لاءِ آواز اٿاريو هن چيو ته منهنجي خلاف نسورو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button