شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: ادارن جي ويڙھ، مين روڊ رستا پاڻي ھيٺ

وقار ڀٽي، شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ ۾ ميونسپل کاتي جي عملدارن ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن جي ويڙھ شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، شهر جي مين روڊ رستا پاڻي هيٺ پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل، ناليون ۽ نالا اور فلو ۽ ابتا وهڻ لڳا شهري سخت پريشاني ۾ ورتل، ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن جي اندوري ويڙھ شهر جي مين روڊن کي تلائن ۾ تبديل ڪري مين گٽر نالا ۽ ناليون اور فلو ٿي ابتو وهڙڻ لڳا جنهن ڪري شهر جي مين روڊ ٿاڻه مسجد روڊ، ايس ڊي ايم آفيس روڊ، اسٽيشن روڊ سميت مختلف روڊن تي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل جنهن ڪري شهر جي مختلف پاڙن کان ايندڙ عيد خريداري لاء عورتن، ٻارن سميت شهرين کي سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو هيو، پبلڪ هيلٿ کاتي پاران نظام ٺيڪ نه هجڻ ڪري شهري سخت تڪليف ۾ ورتل آهن هنن پاران شهر جي مختلف واٽرسپلا هلائڻ سان نالا ۽ گٽر اوڀري پون ٿا جنهن ڪري پاڻي ٻاهري نڪري ٿو پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن سان رابطي ڪرڻ تي مليل ڄاڻ موجب ته شهر جي مين گٽرن جي کاٽي ناهي ڪرائي وئي جنهن جي ڪري پاڻي روڊن تي نڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي هن جو چوڻ هو ته واٽر سپلاء جي پراڻي پائيپ لائين وڇايل آهي جنهن جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪٿان ڊيميج هجن جنهن ڪري نالا ڇڙهندا هجن، هوڏانهن ميونسپل عملدارن پڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي پگهار نه ملڻ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال آهي هنن پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن تي الزام هڻندي چيو ته شهر جي ناڪاسي لاء ڊرينيج ڊسپوزل وقت سر نه هلڻ ڪري پاڻي اور فلو ٿيندو آهي هاڻ اسان جي هڙتال هلندڙ آهي جنهن ڪري اسان جا ملازم ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن شهري اتحاد جي اڳواڻن وهاب پندراڻي، مجاهد اعواڻ رابطي ڪرڻ تي چيو ته ميونسپل عملدارن ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي عملدارن جي ڪرپشن ڪري پوري شهر تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي هنن جو چوڻ هو ته هنن جي ڪرپشن ڪري شهر جي هر گهٽي گندگي جي ڍير ۽ روڊ پاڻي ۾ ٻوڏل آهن هنن جو چوڻ هو ته پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ميونسپل عملدارن جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي انهن خلاف ڪاروائي ڪرائي قوم جو لُٽيل ناڻو واپس ڪرايو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button