ڪوٽڙي

بااثر زميندار جي قيد مان ڀڄي نڪتل هاري تحفظ لاء ڪوٽڙي پريس ڪلب پهچي

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي
سانگهڙ جي علائقي پيرونمل جي بااثر زميندار جي قيد مان ڀڄي نڪتل متاثر هاري تحفظ لاء ڪوٽڙي پهچڻ بعد انصاف لاء پريس ڪلب پهچي ويا، پيرونمل جي متاثر هارين رحيم بخش خاصخيلي، مور زادي خاصخيلي ۽ ٻين متاثر خاندان عورتن ۽ ٻارن سميت پريس ڪلب ڪوٽڙي پهچي پيرونمل جي زميندار عبدالحق رند ۽ ان جي پٽ اشتياق رند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن صحافين آڏو دانهيو ته زميندار عبدالحق وٽ ٽي سال هارپو ڪيو آهي پر سندس ظلمن کان تنگ اچي وجھ وٺي رات جو سندس نجي جيل مان ڀڄي ڪوٽڙي جي هاري ڪئمپ ۾ اچي پناھ ورتي آهي. هاري عورت مورزادي جو چوڻ هيو ته زميندار سندس مڙس پسند خاصخيلي کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زميندار اسان جي موٽر سائيڪل ۽ 13 ٻڪريون به پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي. هاري خاندان دانهيو ته ظالم زميندار جي پٽ اشتياق سندن سامهون هنن جي ٻن پالتو تازي ڪتن کي پڻ گوليون هڻي ماري ڇڏيو. هارين ٻڌايو ته هنن زميندارن خلاف وڪيل جي معرفت هاء ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪئي آهي. هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته پسند خاصخيلي کي زميندار کان آزاد ڪرائي سندن ٻڪريون واپس ڏيارڻ سان گڏ زميندارن خلاف قانوني قدم به کنيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button