ھنڱورجا

ٻارن سان بدفعلي وارو معامرو، سارنگ شرکي سزا ڏيارڻ لاءِ ھنڱورجا جي سول سوسائٽي جو احتجاج

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

هنڱورجا: ٺري ميرواھ ۾ شاگرد سان بدفعلي ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي

هنڱورجا ۾ سول سوسائٽي پاران ٺري ميرواھ ۾ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار سارنگ شر کي سزا ڏيارڻ لاءِ پروفيسر اسلم ميمڻ،عزيز ميمڻ، غلام حسين چانگ،محمد صديق سولنگي، آفتاب احمد ،منظور حسين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن چيو ته سارنگ شر انتهائي ڪڌو عمل ڪيو آهي جنهن جي کيس کي عبرت ناڪ سزا ملڻ گھرجي هن واقعي ۾ صرف سارنگ شر اڪيلو ملوث ناهي پر هن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ماڻهون ملوث ٿي سگھن ٿا جن کي بي نقاب ڪيو وڃي هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته ٺري ميرواھ واقعي بابت جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جئين سارنگ شر ۽ سندس ساٿاري مڪمل طور تي بي نقاب ٿي سگھن ۽ انهن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جئين احرن واقعن تي ڪنٽرول ٿي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button