ڪراچي

شھيد شھناز انصاري جي مڙس ڊاڪٽر عبدالحميد انصاري طرفان ڊي ايس پي نوشھروفيروز اعجاز ميمڻ تي بداعتمادي جو اظھار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪراچي

Shahnaz Ansariاعجاز ميمڻ ڪيس جي جاچ تي اثر انداز ٿي رهيو آھي، جنهن جو فائدو قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ٿي رهيو آهي، ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ کي فوري طور عھدي تان ھٽايو وڃي. شھيد شھناز انصاري جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل صديق کوکر ڪجھ ڏينهن عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿي ويو آھي ڪيس جي ھڪ ٻئي مک جوابدار اختر کوکر به ضمانت لاء درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن مک جوابدار وقار کوکر جي ڀائرن منهنجي ڌي ڊاڪٽر فاطمه شھناز کي به ڪيس جي پوئواري ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون. دريا خان مري پوليس ڌمڪين جي شڪايت تي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو پر چند گهڙين ۾ انهن کي ڇڏي ڏنو. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ جي دٻاء تي پوليس ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button