خوابن جي خمار کان حقيقت تائين.؟؟

عزيزالله ناريجو، پيرڳوٺ
سڄي دنيا ۾ سياست کي سماجي علم طور ڏٺو ويندو آهي، سياست وسيلي قومون پنهنجي تقدير تبديل ڪنديون رهنديون آهن، پر پاڻ وٽ سياست نج ڪاروباري صورت اختيار ڪري وئي آهي. فقط ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاندان حڪمرانيءَ جو حق پنهنجي هٿن ۾ ڪيو ويٺا آهن. اُنهن خاندانن جي هٿ وس جيڪي پارٽيون آهن، اُنهن به پاڻ ۾ وارابندي ڪري ڇڏي آهي. هڪ دور هڪڙي پارٽيءَ وٽ ته ٻيو دور ٻيءَ وٽ. اُن دوران جيڪڏهن ڪا غيرجمهوري حڪومت وارو وٺڻ آئي ته ايندي، نه ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه واري ڪار هلندي پئي اچي. نتيجي ۾ سماج اڄ جنهن پستيءَ ۾ ڏسجي ٿو، تنهن جو مثال ته انگريزن جي غلاميءَ واري دؤر ۾ به نٿو ملي.
عوام پاڻ مٿي لٺيون کائي سدائين فقيرن کي کٽيو کارائي رهيو آهي، اُن پنهنجي لاءِ يا پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪنهن به لمحي ويهي سوچڻ جي ضرورت محسوس ناهي ڪئي. شايد ته ماڻهن جي ذهن ۾ اِها ڳالهه گهر ڪري وئي آهي ته اُهي ڄميا ئي محڪوم بڻجڻ لاءِ آهن، اُنهن کي حاڪميت جو حق ناهي. جيڪڏهن سندن کنڊر ذهنن ۾ اهڙي سوچ ڄاري جيان ڦهلجي نه وئي هُجي ها ته هوند اُهي ڪنهن نواڻ جي ضرور گُهر ڪن ها، جيڪڏهن نواڻ نه به سهي، تڏهن به پُڇاڻي جو پاڻ ۾ ساهس ضرور پيدا ڪن ها ته ٻيلي اوهان هر ڀيري اسان سان واعدا وچن ڪري وڃو ٿا، اسان کي دم دلاسا ڏيو ٿا، پر اوهان ڪيو ڇا آهي؟ جيڪڏهن عام ماڻهو فقط ايترو ئي پاڻ منجهه جُرئت جو مادو پيدا ڪري، تڏهن به ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙن جي ذهن ۾ اِها ڳالهه ضرور ڪُکڻ لڳي ته هي جيڪي ماڻهو اڄ سوال ڪري رهيا آهن اُهي سڀاڻي دڳ جهلي سخت پُڇاڻو به ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري ٿورو گهڻو سندن زندگين جي تبديليءَ تي به ڌيان ڏجي! پر نه، عوام بس بوٿ ۾ وڃي اُميدوارن جي نشان تي ٺپو هڻڻ کي ئي پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو، اُن کان وڌ هُو پنهنجي نه ته اهميت کي سُڃاڻي سگهيو آهي، نه وري ان بابت هُن ڪڏهن ويچاريو آهي. جيڪڏهن عام ماڻهوءَ کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ته هُو ئي اصل طاقت آهي ته پوءِ شايد گهڻن ئي چوڌرين، سردارن ۽ جاگيردارن جون راهون بند ٿي وڃن.
هتي حڪمرانن جي حالت سدائين ڪفن چور ۽ اُن جي پُٽ واري قصي جهڙي رهي آهي. ماڻهو وقت جي حڪمران کان اِهو چئي بيزار ٿيندي ڏٺا ويا آهن ته هِن کان ته اڳيان حڪمران سٺا هئا، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين صداقت به هوندي آهي جو جيئن پوءِ تيئن جيڪي به حڪومتون وجود ۾ اينديون وڃن ٿيون، اُهي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري رهيون آهن، اُنهن سماج کي تنگدستيءَ جي ڌُٻڻ ۾ اهڙو ته ڌڪيو آهي جو انساني جان پنهنجو قدر ۽ قيمت بنهه وڃائي ويٺي آهي. ماڻهو خودسوزي ۽ خودڪشيءَ ۾ پناهه ڳولي رهيا آهن. اسان وٽ نه ته علاج معالج جي سهولتن کي ممڪن بڻايو ويو آهي نه وري تعليم تي ڪا خاص توجه ڏني وئي آهي. نتيجي ۾ سماج جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿو طبقاتي وڇوٽين جي وَرِ چڙهندو، هڪڙا امير، بنهه امير ته ٻيا غريب ۽ بنهه غريب بڻجندا وڃن پيا. هڪڙن پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ دولت جا انبار ڪٺي ڪري ڇڏيا آهن ته ٻين پنهنجي پونئيرن لاءِ بدحاليءَ جا آثار ڇڏيا آهن. وچولو طبقو جهڙوڪر پوري مُلڪ منجهان ناپيد ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪٿي آهي به ته اُهو تبديليءَ جو محرڪ ٿيڻ بدران رات پيٽ ۾ امير ٿيڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ موقعي پرستيءَ کي هٿان نه ٿو وڃائي. اِها صورتحال ڪنهن به رياست لاءِ انتهائي هاڃيڪار هوندي آهي، پر اسان وٽ ڪو به اِن پاسي ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ناهي. انهيءَ صورتحال کي يا ته تعليم ذريعي سُڌاري سگهجي ٿو يا وري سياسي سمجهه وڌائي! پر افسوس ته هتي اِنهن ٻنهي شعبن ۾ ناڪامي انتهائن کي ڇُهي رهي آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اِهو آهي ته سياست جن هٿن ۾ هلي وئي آهي، اُنهن کي نه ته جمهور سان ڪو سروڪار آهي نه ئي وري اُهي رياست کي ترقي ڪندو ڏسڻ گهرن ٿا، اُنهن کي فقط پنهنجا مفاد عزيز آهن ۽ اُنهن جي پورائي لاءِ هُو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا، جيڪا ڳالهه وقت بوقت هر عام خاص جي مشاهدي ۾ ايندي رهي ٿي. تنهن ڪري ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته سياست جهڙي سماجي علم کي وکر بڻجڻ کان بچايو وڃي، اُن کي موقعي پرست ۽ مطلبي ماڻهن جي هٿن مان ڪڍي آدرشي هٿن ۾ ڏنو وڃي ته جيئن سماج کي اوڻاين جي ڌٻڻ بڻجڻ کان بچائي سگهجي. اُن لاءِ ايندڙ سال واريون چونڊون انتهائي وڏو موقعو آهن. جيڪڏهن عام ماڻهن پنهنجو پاڻ ۾، پنهنجي شهرن، توڙي سماج ۾ تبديليءَ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا ته پوءِ يقينن اسين هڪ بهتر سماج جي اڏاوت ڏانهن وِک وڌائي سگهنداسين، جيڪڏهن اِئين نه ڪيو ويو ته پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙن ڏٽن، ٺلهن دلاسن ۽ ساڀيان نه ٿي سگهندڙ خوابن جي خمار ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close