مختصر خبرون

ٺٽو: ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي، عوام خوف ۾ مبتلا

انڊس نيوز، ٺٽو
ٺٽي ۾ به ڪرونا جي مقامي منتقلي جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا، هڪ ڏينهن ۾ 13 نوان ڪيس ظاهر. عوام خوف ۾ وٺجي ويئي، ٺٽي جي خانگي بئنڪ (بئنڪ الحبيب) جي مئنيجر ۽ مقامي صحافي سميت 13 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويئي. بئنڪ مئنيجر جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد کيس هوم آئيسوليٽ ڪندي سمورن ملازمن کي پڻ گهرن تائين محدود ٿيڻ جي هدايت ڪندي ھڪ وڏي نجي بئنڪ کي سِيل ڪرڻ يا ان جي ٽرانزيڪشن روڪڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي،. ٻئي طرف ٺٽي جي مقامي صحافي سميت ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچڻ سبب ٻيا 12 ئي ڄڻا هوم آئيسوليٽ ٿي ويا آھن. ڪرونا رپورٽون پازيٽو اچڻ بعد متاثرن جي فيملي ميمبرز توڙي ويجهن ماڻهن جي به ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ٺٽي ضلعي ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 103 ٿي ويو آھي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close