ھنڱورجا

سوچيل سمجھيل سازش تحت مذهبي انتها پسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي، سنڌو نواز گهانگرو

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

Sindhu Nawaz Ghanghroسنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز گهانگرو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ،ڌارين کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ توڙي سنڌو درياھ مٿان غير قانوني ڊيمن جي اڏاوت خلاف سنڌ ۾ هلندڙ جدوجھد تان ڌيان هٽائڻ لاءِ هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت مذهبي انتها پسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي سنڌ امن ،پيار،محبت واري ڌرتي آهي هتي شاھ عبدالطيف رحه، سچل سائين سميت صوفي شاعرن امن جو درس ڏنو آهي سنڌ ۾پروفيسر ساجد سومرو جي گرفتاري، دادو ۾ ديوان واپاري جي معيت جي بي حُرمتي ۽ سنڌ جي ڏاهي محقق عطا محمد ڀنڀرو جي وفات کانپوءِ سندس مٿان بلا جواز تنقيد ڪرڻ افسوس ناڪ عمل آهن جن جي مذمت ڪيون ٿا.هنڱورجا ۾ جسم اڳواڻ ايڊووڪيٽ سجاد سولنگي ،حمز علي چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌو نواز گهانگرو چيو ته سنڌ جو شعور جڏهن متحد ۽ منظم ٿي سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف اُٿي کڙو ٿيو آهي ته ان وقت سازشون شروع ٿي ويون آهن هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي درميان انتشار پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري پئي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گھٽ آهي هن چيو ته عرفانه ملاح جي خلاف پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پروفيسر ساجد سومرو کي ذاتي رنجش جي بنياد تي مذهب جي آڙ وٺي ان خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري ايندڙ نسل لاءِ ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي.هن چيو ته سنڌ جو شعور هاڻي منظم ۽ متحد ٿي چڪو آهي سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف  ڀرپور نموني جدوجھد جاري رکي ويندي ۽ مذهب جي بنياد تي نفرتون پکيڙيندڙن جون سازشون ناڪام ٿينديون .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button