ھنڱورجا

ھنڱورجا: پوليس پاران ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
Munashiat Faroshهنڱورجا پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 2 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن وٽان چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ، گرفتار ٿيلن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل۔ تفصيل موجب ايس ايڇ او هنڱورجا جي اڳواڻي ۾ پوليس اهلڪارن مختلف هنڌن تي ڪاروائي ڪري 2 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن وٽان چرس هٿ ڪرڻ جي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ايس ايڇ او هنڱورجا بچل قاضي ٻڌايو ته علي حسن عامر کي گرفتار ڪري سندن وٽان اڌ ڪلو چرس .جڏهن ته دلدار منڱڻيجو کي گرفتار ڪري ان وٽان 300 سئو گرام چرس بر آمد ڪيو ويو آهي ٻنهي جوابدارن جي خلاف الڳ الڳ منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button