ھنڱورجا

ھنڱورجا: قومپرست اڳواڻن تي حملو، چنا برادري تي الزام

عزيز ميمڻ،هنڱورجا

Faqeer Muhammad Ali Mangiقوم پرست اڳواڻ فقير محمد علي منگي،فقير حسين بخش منگي ۽ فقير علي حيدر منگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته سڳيون جي ڪچي واري علائقي منگي ماڙي ۾ پنهنجي زرعي زمين تي وڃي رهيو هئس ته چنا برادري جي هٿياربندن اسان جي مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ معجزانه طور تي بچي وياسين هنن ٻڌايو ته اسان جي زرعي زمين تي چنا برادري جي هٿياربندن اڳم به قبضو ڪيو ۽ هاڻي به اسان تي حملو ڪرڻ جو مقصد اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ آهي هنن ٻڌايو ته اڳم به چنا برادري جي هٿياربند جي خلاف ڪي ٽي منگي ماڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايل آهي پر پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري رپورش جوابدارن ٻيهر اسان جي مٿان حملو ڪيو آهي.هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر،ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي چنا برادري جي ڏوهاري قسم جي ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button