ھنڱورجا

ھنڱورجا: احساس ڪفالت پروگرام سڳيون جي ايجنٽ جي ڊيوائس بند، داد رسي ڪرڻ وارو ڪو ناھي

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
Ehsas Agent Sagyoonاحساس ڪفالت پروگرام سڳيون جي ايجنٽ شهزادو ڀاڳت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته بنا ڪنهن سبب احساس ڪفالت پروگرام جي عملدارن منهنجي ڊوائس کي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان علائقي جون سوين مستحق عورتون احساس ڪفالت پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ پريشان آهن هن ٻڌايو ته ڊاوئس کولرائڻ لاءِ احساس ڪفالت پروگرام جي وسوارن عملدارن وٽ دانهيو آهي پر ڪير به داد رسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته احساس ڪفالت پروگرام جي منهنجي ڊوائس کولي وڃي ته جيئن علائقي جي مستحقين کي صحيح نموني سان پئسا پهچائي سگھجن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button