ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ڳوٺ تي چڙھائي خلاف ڳوٺاڻن ۽ قومپرست جماعتن جو ڌرڻو

عمران چانڊيو، ڪوٽڙي
Protest at Manjhandمانجهند ڀرسان ڳوٺ سنگهار کوسو ۽ ڳوٺ راڄڙيءَ ۾ پوليس گردي خلاف ڳوٺاڻن ۽ قومپرست جماعتن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، سنڌ جي مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي ۾ شامل ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن چيو آ ته ڪول مائينز ڪمپني پورهيتن کي اجرت نه ڏني جنهن ڪري پورهيتن پاران احتجاج ڪيو ويو ، ۽ ان ساڳي ڪمپني احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پوليس ڪمپني کان پئسا وٺي غريب ڳوٺاڻن تي ظلم ڪيو آهي، مظاهرين جو گرفتار ڳوٺاڻن کي فوري آزاد ڪرڻ، پوليس چڙهائي دوران تباهه ٿيل گهرن کي ٻيهر تعمير ڪرائڻ، ڳوٺاڻن خلاف داخل ڪيس ختم ڪرڻ ۽ معاملي جي عدالت جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، فيروزه لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس طرفان سنڌ ۾ ظلم ۽ جبر جي بازار گرم آهي، افسوس آهي ته پوليس ڪڏهن ايئن ڪچي ۾ به ناهي ڪيو، ڪچي ۾ اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن، اُتي پوليس ڪجھ نه پئي ڪري، پوليس تي ڳالهايون ته هن وقت به پوليس وٽ تمام گهڻا ماڻهو اغوا جي صورت ۾ هوندا، هتان جا جيڪي هزارين سالن کان رهواسي آهن، هي مزدور ماڻهو آهن، چئن مهينن کان هنن جي پگهار رڪيل هئي، هنن مظاهرو ڪيو، ان تي پوليس هنن مٿان تشدد ڪيو آهي، احتجاج سڀني جو حق آهي، هنن چيو ته ڳوٺاڻن مٿان تشدد، عورتن کي گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي، حق گهرڻ تي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ڳوٺاڻن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ، ان موقعي تي ڊي ايس پي کاڻوٺ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ، ڊي يس پي پاران خاطري ڪرائي وئي ته ايس ايس پي ڄامشورو گهرو کاتي کي جاچ لاء لکي چڪي چڪو آهي ، شفاف جاچ کانپوء متاثر ڌر سان انصاف ڪيو ويندو ، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن جا نالا ڪيس مان خارج ڪيا ويندا جنهن کانپوء احتجاج ختم ڪيو ويو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button