ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: ڪارخانن ۾ سرمائيدارن پاران پورهيتن سان آمراڻا سلوڪ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
Kotri protest against factoryڪوٽڙي جي ڪارخانن ۾ سرمائيدارن پاران پورهيتن سان آمراڻا سلوڪ ، هدايت الله ڪاٽن مل جي مزدورن کي ٽن مهينن جون پگهارون نه مليون ، سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور
ڪوٽڙي سائيٽ جي صنعتي زون ۾ واقع هدايت الله ڪاٽن مل ۾ ڪم ڪندڙ مزدون کي گزريل 3 مهينن کان پگهارون نه مليون جنهن سبب سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ مجبور آهن ٻئي پاسي پورهيتن مل جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف سخت ناريبازي ڪئي ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پورهيتن دانهيندي چيو ته مل انتظاميه وائرس جو جواز ڄاڻائيندي مل کي تالا هڻي ڇڏيا آهن ٻئي پاسي گزريل ٽن مهينن جي رهيل پگهار به نه ٿي ڏني وڃي ، مل انتظاميه جي اهڙي رويي سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ، هنن ليبر کاتي ،ڊي سي ڄامشورو ۽ لاڳاپيل ڌرين کان مطالبو ڪندي چيو ته مل انتظاميه کي پابند بڻائي سندن رهيل پگهارون ادا ڪيو وڃن .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button