مختصر خبرون

ڪوٽڙي: حيسڪو شهباز سب ڊويزن خدا جي بستي ۾ بجلي جو آزار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،ڪوٽڙي
ڪوٽڙي حيسڪو شهباز سب ڊويزن خدا جي بستي ۽ ايس ڊي او جي نا اهلي سبب ، ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن ۾ بجلي جو آزار ، وولٽيج گهٽ سبب اڪيٽرانس جو شيون سڙڻ لڳيون ، علائقي واسين جا مٿي تي هٿ ،
ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن خدا جي بستي ، ٻٻر اسٽاپ ، چهواڻ چونڪ سميت 20، کان وڌيڪ پاڙن ۽ علائقن ۾ بجلي جو بحران برقرار ، علائقي واسين دانهيندي چيو ته لاڳاپيل علمدارن جي نا اهلي سبب ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقن ۾۔بجلي جو بحران برقرار آهي ، جڏهن ته گهٽ وولٽيج سبب سندن گهريلو اليٽرانڪس جو سامان ، پکا ، ٽي وي ، ٻيون شيون خراب ٿي رهيون آهن ، لاڳاپيل ڌرين وٽ شڪايتون ڪرڻ جي باوجود بجلي جو مسئلو حل نه ٿو ڪيو وڃي ، هنن لاڳاپيل عملدارن کي خبردار ڪندي چيو ته بجلي جي گهٽ وولٽيج وارو مسئلو فورن هل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دڳ ورتو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button