ڪوٽڙي

ڪوٽڙي: بد امني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڪوٽڙي
Citizen protesting at Kotriڪوٽڙي ۾ بد امني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا شهرين پاران ڪوٽڙي شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن خلاف مظاهرو ڪيو ويو، المدينا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري دوران شهري اڳواڻن محمد ملاح، عبدالله بروهي، اصغر چنا، امتياز جوکيو. انور عباسي، نعيم جوڻيجو. حيدر شورو سعود مجيد خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ڪوٽڙي شهر ۾ موٽر سائيڪلن ۽ موبائل فون جون ڦرون معمول بڻجي ويو آهن، شهر ۾ منشيات عام آهي، گٽڪو ۽ مين پڙي سرعام وڪرو پئي ٿئي، چرس ۽ آفيم کان وٺي آئيس تائين به ڪوٽڙي ۾ دستياب آهي، جڏهن ته پوليس منشيات کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ان موقعي تي مظاهرين ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڏوهن کي روڪڻ لاء قدم کنيا وڃن، مظاهري دوران شهرين انتظاميا ۽ پوليس کي چتاء ڏنو ته پوليس پاران هڪدم نوٽيس نه ورتو ويو ته احتجاج کي وڌايو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button