ٺٽو

ٺٽو: ھڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھن جي ڪاھ، صحافي جا رشتيدار زخمي

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
FB IMG 1593354028657گذريل رات دير سان ميرپورساڪرو جي سينيئر صحافي محمد عمر ڪنڀار جي ميرپورساڪرو ۾ قائم ھوٽل تي ھڪ سئو کان وڌيڪ ھٿياربند ماڻھن ڪاھ ڪري ميرپور ساڪرو جي صحافي محمد عمر ڪنڀار جي ٻن پٽن محسن ۽ احسن ڪنڀار، ھڪ سئوٽ اياز ڪنڀار سميت ٽن ڀاڻيجن نصرالله، منير ۽ شوڪت ڪنڀار کي لٺيون ھڻي سخت زخمي ڪرڻ سان گڏ ھوائي فائرنگ ڪري علائقي ۾ ڏھڪاء پکيڙي ھوٽل جي ڪائونٽر کي پڻ گوليون ھڻي نقصان پھچايو ويو، زخمي سمورن ماڻھن کي پھريان شيخ زيد اسپتال ساڪرو آندو ويو، جتان نازڪ حالت ھجڻ ڪري کين سول اسپتال ڪراچي موڪليو ويو، جتي سندن علاج جاري اھي، ميرپور ساڪرو ٿاڻي تي بااثر ماڻھن جي ھڪ سئو حملي آور ھٿياربندن خلاف ھلان ڪري حملي سميت 6 ماڻھن کي زخمي ڪرڻ جي اين سي ميرپورساڪرو ٿاڻي تي درج ڪرائي ويئي آھي، پر اڃان تائين ڪابہ گرفتاري عمل ۾ اچي ناھي سگھي. ٻئي طرف سينيئر صحافي محمد عمر ڪنڀار ٻڌايو تہ گذريل رات 12 وڳي ڌاري ميرپور ساڪرو ۾ پنھنجي ھوٽل تي ويٺا ھئاسين تہ مقامي بااثر ماڻھن پنھنجي ھڪ سئو کان وڌيڪ ھٿياربند ماڻھن سان گڏ اسانجي ھوٽل تي ڪاھ ڪري منھنجي ٻن پٽن، ھڪ سئوٽ سميت 3 ڀاڻيجن کي لٺيون ھڻي سخت زخمي ڪري ھوائي فائرنگ ڪري ھوٽل جي ڪائونٽر کي نقصان پھچايو آھي، ھن چيو تہ سندن زخمي 6 ئي ماڻھون ڪراچي اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھن. پر ساڪرو پوليس اڃان تائين ڪوبہ حملي آور جوابدار گرفتار ڪري ناھي سگھي. جنھن ڪري وڌيڪ نقصان جو انديشو آھي. ھن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن نوجوانن کي زخمي ڪندڙ سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي طرف پريس ڪلب مڪلي، جھمپير، جنگشاھي سميت ضلعي جي سمورين پريس ڪلبن جي صحافين ميرپورساڪرو جي صحافي عمر ڪنڀار جي ھوٽل تي بااثر ماڻھن جي ھٿياربندن پاران ڪاھ ڪري سندس 6 ماڻھن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فورن حملي آور جوابدار گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button