ٺٽو

ٺٽو: اسپتال ۾ بيڊ نه ملڻ ڪري ڳورھاري عورت کي اسپتال مان ٻاھر ڪڍيو ويو، کليل ميدان ۾ ٻار کي جنم

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
Delivery outside yardسول اسپتال مڪلي جي مسيحا پيشي سان وابسطہ ڊاڪٽرياڻين ۽ مرف انتظاميہ جي لاپرواھي سبب اسپتال ۾ بيڊ نہ ملڻ سبب ڳورھاڙي عورت اسپتال جي ٻاھر ٻار کي جنم ڏنو. تفصيل موجب ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر سول اسپتال مڪلي جي گائني وارڊ ۾ گيل موري لڳ ڳوٺ حاجي عيسٰي خشڪ جي رھواسي پورھيت حبيب اللہ ملاح جي ڳورھاڙي عورت وزيران کي ويم لاء آندو ويو، جتي اسپتال ۾ بيڊ نہ ملڻ ڪري ڊاڪٽريانين عورت کي اسپتال مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، جنھن عورت اسپتال جي احاطي ۾ کلي ميدان ۾ سندن وارثن ٽوال لڳائي پناھ ڪري عورت کي ويم ڪرايو، جتي عورت ٻار کي جنم ڏنو، اسپتال عملي جي اھڙي بي حسي تي عوام حيرانگي جو اظھار ڪندي چيو آھي، سول اسپتال مڪلي جا انتظام جڏھن کان مرف اين جي اوز حوالي ٿيا آھن، اسپتال ايندڙ مريضن تي ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون توڙي عملو ڪوبہ ڌيان نٿو ڏي. ھنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي لاپرواھي ڪندڙ انتظاميہ ۽ عملي خلاف ڪاروائي جي گھر ڪندي عوام کي بھتر صحت جون سھولتون ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button