پريمي جوڙاھنڱورجا

هنڱورجا: پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ پريس ڪلپ پھتو

انڊس نيوز، هنڱورجا
Newly Married coupleهنڱورجا جي ڳوٺ فيض محمد ڀٽو جي پسند جي شادي ڪندڙ پريمي جوڙي جي زندگي کي خطرو،تحفظ لاءِ پريمي جوڙو پريس ڪلب هنڱورجا پهچي ويو، مائٽ قتل ڪرڻ چاهين ٿا،شهناز ۽ نعمت الله جوڻيجو.تفصيل موجب هنڱورجا جي ڳوٺ فيض محمد ڀٽو جي رهواسي پريمي جوڙي نوجوان ناري شهناز جوڻيجو ۽ نعمت الله جوڻيجو هنڱورجا پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته 3 ڏينهن اڳ ٺري ميرواھ جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪرڻ کانپوءِ شهناز جو ڀاءُ منظور حسين جوڻيجو ۽ سندس ساٿي مجاهد، زاهد، ذاڪر ۽ ٻيا جاني دشمن بڻجي ويا آهن جيڪي اسان ٻنهي کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن جيڪو وڏو ظلم آهي نوجوان ناري شهناز چيو ته مون پنهنجي ۽ امڙ جي مرضي سان نعمت الله جوڻيجو سان شريعت محمدي مطابق شادي ڪري ڪو گناھ جو ڪم ناهي ڪيو منهنجو ڀاءُ منظور حسين مونکي ٻي هنڌ وڪرو ڪرڻ پئي چاهيو جيڪا ڳالھ مون کي نه وڻي هن ٻڌايو ته منهنجي ڏاج وارو سامان به ڀاءُ جي قبضي هيٺ آهي جيڪو مون کي واپس ڪرايو وڃي جڏهن ته نوجوان نعمت الله جوڻيجو ٻڌايو ته مون شادي ڪري ڪو به گناھ جو ڪم ناهي ڪيو اسان زال مڙس جي زندگي کي خطرو آهي جيڪڏهن ڪو به جاني مالي نقصان ٿيو ته ان جا ذميوار منظور جوڻيجو ۽ ان جا ساٿي هوندا. هنن اعليٰ اختيارين کي تحفظ جي پڻ اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button