مختصر خبرون

محقق عطا محمد ڀنڀرو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، جي يو آءِ اڳواڻن جي شرڪت

عزيز ميمڻ، هنڱورجا
سنڌ جي ناليواري اديب،دانشور، ڏاهي ۽ محقق عطا محمد ڀنڀرو جي ياد ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو جنهن ۾ جميعت علماءِ السلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانا مير محمد ميرڪ، مولوي عبدالستار ، مفتي اسدالله سهتو، حافظ منير احمد ٽانوري سميت وڏي تعداد ۾ شهرين،سماجي ڪارڪنن ۽ معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي تعزيتي ميڙاڪي ۾ مولانا مير محمد ميرڪ مرحوم عطا محمد ڀنڀرو جي روح کي ثواب بخشڻ لاءِ قُل بخشيا ۽ بارگاھ الاهي ۾ سندس جي مغفرت لاءِ دعا گھري وئي ۽ بعد ۾ مولانا مير محمد ميرڪ واعظ پڻ ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button