مختصر خبرونتعليم ۽ نئين ٽھي

علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي: داخلا جي آخري تاريخ ۽ بئنڪن جي لنڪ ڊائون

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
ٺٽي جي مختلف نجي بئنڪن جي انتظاميہ طرفان علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد جي بي ايڊ، ايم ايڊ، ايم اي سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل شاگردن پاران فيس جمع ڪرڻ جي آخري تاريخ تي بئنڪ عملي پاران لنڪ ڊائون ھئڻ جو سبب ڄاڻائي فيس چالان وٺڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو اھي، جنھن ڪري شاگرد سخت پريشان آھن. چالان جمع ڪرائڻ کان محروم ٿيل شاگردن چيو تہ ساڻن ھميشہ چالان جمع ڪرڻ واري آخري تاريخ تي بئنڪ انتظاميہ ايئن ڪري ٿي، ھنن گھر ڪئي تہ چالان فيز جمع ڪرڻ جي تاريخ ۾ واڌارو ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button