بلاگ

سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي جي شاگردن جي ڪير سار لھندو؟

مجاھد گلاب جوڻيجو، حيدرآباد
Mujahid Gulabھن ڀٽائي جي ڀونءِ کي خبر ناھي ڪنھنجي آ نظر لڳي وئي جو کيس وجود انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويوآ ۽ پاڻ تباھي طرف گامزن آ
يقينن چئي سگھجي ٿو جتي لاکيڻي لطيف جي ڌرتيء کي ڌارين لٽيو ڦريو ۽ تباھ حال ڪيو آ اتي پنھنجي ئي ڪک مان جنم وٺندڙ لخت جگرن پڻ جيءُ جھوريو آ جھڙي نموني سنڌ جي تعليم تباھ ڪئي وئي آ دنيا ۾ ان جو مثال نٿو ملي سنڌ جي اسڪول ڪاليج توڙي يونيورسٽين جي تعليمي نظام کان ھر باشعور ماڻھو واقف آ اڄ اسانجو موضوع آ سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي جيڪا پڻ روايتي طور ڪرپشن جي ور چڙھيل آ ھتي ميڊيڪل سان رليٽيوو مختلف شعبن ۾ 1 سال کان 2سال جا ٽيڪنيڪل ڪورس ڪرايا وڃن ٿا
جنھن ۾ O.T_LAB_Ultrasound_Xray_physiotherapy_Opthalmology _ECG_CT Scan_Dentalتوڙي Dispenserجھڙا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا جنھنجو minimumٽائم پيرڊ جيئين ته مان مٿي بيان ڪيو آ ته 1/2سال آھي ايڊميشن کان امتحان رزلٽ آئوٽ ٿيڻ ۽رزلٽ کان پاس سرٽيفڪيٽ جي ملڻ تائين ھجڻ 3سال گھرجي ڇاڪاڻ ته ظاھر آ ڪو اميرن جو اولاد ت اھو ڪورس ڪونه ڪندو ۽ لازمي آ اھي ڊپلوما غريب ريڙھي واري رازي توڙي پٽيوالي جو اولاد سرس تعداد ۾ ڪري ٿو انھي آس ۾ ته روز گار لائق ٿئي ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جي اڻپورن خوابن جي ساڀيان ٿين مگر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ھي ادارو ب ازلي ڪرپشن جي ور چڙھڻ ڪري شاگردن جو مسقبل داء تي لڳي ويو آ جيئن ھن وقت سال واري ڪورس جو سرٽيفڪيٽ چار سالن کانپوء شاگرد کي ملي ٿو اھو به ڳري رشوت عيوض
اسان جيڪڏھن 2017/18 تي نظر وجھون ته ان سيزن جي شاگردن جا امتحاني فارم ڀرجڻ باوجود امتحان نه ٿي سگھيا آھن ۽ وري 2018/19 وارن جي ٽريننگ پيرڊ پورو ٿيڻ باوجود انھن جا نه انرولمنٽ ڀريا آھن نه امتحاني فارم ھاڻي باقي 2020وارن شاگردن جو الله واھي آ
ھن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آ ته ھن وبائي بيماري جي ھوندي شاگردن جا امتحان ٿيڻ ممڪن آھن يا نه جيڪڏھن آھن ته انتظاميا کي گھرجي تS.O.P.ES تحت ئي پر ترت امتحان ڪرائي جيڪڏھن ممڪن ناھي ته اسان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ صاحب ۽ سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي انتظاميا کان اھا گھر ٿا ڪيون ته جھڙي طرح ميٽرڪ انٽر توڙي نرسنگ بورڊ پنھنجي شاگردن کي پروموٽ ڪيو آ انھيء طرح سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي جي شاگردن کي ب پروموٽ ڪري کين مايوسي واري مرض مان جان ڇڏائي وڃي ته جيئن پيٽ گذر ڪري سگھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button