ھنڱورجا

روهڙي ڪئنال ڪپر ڪمزور، ڪامورن جي ڪن لاٽار،ڳوٺاڻا پريشان

عزيز ميمڻ، هنڱورجا

Villager protestingروهڙي ڪئنال جا ڏيپارجه کان محرابپور تائين ڪپر مضبوط ڪرائڻ لاءِ آبادگار ۽ ڳوٺاڻن جو ڏيپارجه پُل وٽ آبپاشي ڪامورن جي خلاف علي ڏنو نوحپوٽو، غلام حسين سهتو،زاهد ٽانوري، عبدالصمد ڀنڀرو، امداد بڙدي،نعمان سهتو،اعجاز بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ڪندڙن چيو ته روهڙي ڪئنال جا ڪپر ڏيپارجه کان محرابپور تائين انتهائي ڪمزور ٿي چڪا آهن جنهن جي ڪري ڪنهن به وقت گھارو پوڻ جو خدشو آهي جنهن ڪري علا.ئقي واسين جون ننڊون ڦٽي ويون آهن احتجاج ڪرڻ جي باوجود آبپاشي کاتي جا ڪامورا اسان جي ڳالھ ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏين ٿا هنن چيو ته آرڊي 235 وٽ پاڻي کاڌ ڪري رهيو آهي جنهن سبب ڪپر اڃا وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيا آهن هنن وزير اعليٰ سنڌ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري آبپاشي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي روهڙي ڪئنال جا ڏيپارجا کان محرابپور تائين ڪپر مضبوط ڪرايا وڃن ۽ اسٽون پچننگ پڻ ڪرائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button