ٺٽو

جھرڪ: 7 معصوم ٻارڙن جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون ويون

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
Jhirk condolenceجهرڪ ويجهو سنڌو درياء ۾ ٻُڏي فوت ٿيل مري برادري جي 7 معصوم ٻارڙن جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪيون ويون.
جهرڪ لڳ ڳوٺ دائم مري ۾ ٽيجهي وارين رسمن ۾ پيپلزپارٽي جي خصوصي ٽيم پهچي شرڪت ڪئي. فوتي ٻارڙن جا لاش کڻڻ لاء ايمبولينس نه ڏيڻ واري معاملي جي به اعلئ سطحي جاچ شروع ٿي ويئي آھي ان سلسلي ۾ ڊي سي ٺٽو بہ تڏي تي پهچي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪيا آھن جڏھن تہ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سندس ڪوآرڊينيٽر مير سهراب مري ۽ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراه جهرڪ لڳ ڳوٺ دائم مري پهچي وارثن سان عُذر خواهي ڪري ڏک ونڍيو ان موقعي تي عاجز ڌامراھ چيو تہ7 معصوم ٻارڙن جي ٻڏي فوت ٿيڻ وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، پ پ جي صوبائي حڪومت وارثن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي ھن چيو تہ
هن سانحي ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جا لاش جهرڪ اسپتال کان ڳوٺ منتقل ڪرڻ لاء ايمبولينس نه ملڻ واري معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي ۽ واقعي ۾ غفلت جو مظاھرو ڪندڙ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي ھن چيو تہ پيپلزپارٽي هميشه عوام سان گڏ رهي آهي، هن المناڪ هانء ڏاريندڙ 7 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي سياست ڪري غير مهذب رويو اختيار ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا هن سانحي ۾ متاثر خاندان سان ڏُک ونڍڻ گهرجي پر گذريل ڏهاڙي ٻن ايم پي ايز جهرڪ پهچي هن معاملي تي پ پ مخالفت ۾ غير مُهذب رويي جي انتها ڪئي هڪ عورت ايم پي اي هوندي هُن پيپلزپارٽي جي اعلئ قيادت خلاف غير مهذب ٻولي اختيار ڪري پارٽي ۽ ڪارڪنن کي رنجهايو آهي، ان تي کين معافي وٺڻي پوندي، ٻئي صورت ۾ کين ڪارڪنن جي سخت ردِ عمل جو منهن ڏيڻو پوندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button