مختصر خبرونادبي خبرون

سنڌي ادبي سنگت پاران عطا محمد ڀنڀرو ۽ اج بلوچ جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

ايم ايڇ ڪنڀار، ٺٽو
سنڌي ادبي سنگت ٺٽو شاخ پاران سنڌ جي نامياري اديب عطا محمد ڀنڀرو ۽ سنڌ جي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڀلوڙ شاعر تاج بلوچ جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو محمد رمضان ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ مارو خشڪ، فقير اڪرم، انور آرزو، آصف قريشي، نور رٽائي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ عطا محمد ڀنڀرو جو سنڌ جي علم، ادب، تحقيق ۽ تاريخ تي گھڻو ڪم ٿيل آھي، ھو سنڌ پرست ۽ بااصول انسان رھيو، سندس محبتن جو محور سنڌ ھئي، جڏھن تہ تاج بلوچ ٿمام وڏو شاعر ھو، جنھن جي شاعري ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. ھن سنڌي ادبي سنگت ۾ بہ ھڪ ورڪر جي حيثيت ۾ رھي خدمت ڪئي، ھنن چيو تہ عطا محمد ڀنڀرو ۽ تاج بلوچ جون خدمتون صدين تائين ياد رھنديون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button