آرٽيڪل

جعلي ڊوميسائيل وارو مامرو: سنڌ جي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
Advocate Ubaidullah Chhajanسنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي بدانتظامي ۽ خراب حڪمراني خلاف دانهون ۽ ڪوڪون ٿينديون رهيون آهن، سنڌ جي پاڻي، سنڌ جي زمينن، سنڌ جي معاشي وسيلن، معدنيات ۽ سنڌ جي ماڻهن جي روزگار ۽ ڪاروبارن تي ڌارين جي قبضي کانپوءِ هاڻي جعلي ڊومسائيل وارو مامرو به ان ئي بدانتظامي جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته ڊوميسائيل واري معاملي سان لاڳاپيل ماڻهو ته سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ ئي ڪم ڪن ٿا ته پوءِ سنڌ حڪومت ڪيئن ايڏي وڏي ۽ اهم معاملي کان بي ڌيان رهي!؟
ڪجهه ئي ڏهاڙا اڳ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل ٺهڻ جو انڪشاف اُن وقت ٿيو، جڏهن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ وائرل ٿي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻين صوبن جي سوين ماڻهن کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا آهن، توڙي جو لاڙڪاڻي جي انتظاميا اهڙين ڳالهين جي ترديد ڪندي رهي ۽ وضاحتي بيان به جاري ڪيو پر تنهن هوندي به اها ڳالهه هڪ مهم بڻجي ويئي، جيڪا سوشل ميڊيا کان وٺي رواجي ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي، جنهن بعد سنڌ جا ماڻهو ۽ نوجوان ڇرڪي پيا ته آخر هي ڪهڙي ويڌن ٿي رهي آهي ۽ اهڙو انڌير ته دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ نه ٿيندو هوندو. نيٺ جڏهن سوشل ميڊيا تي اهو مامرو اُڀريو، دانهون ۽ رڙيون ٿيون، تڏهن وڃي سنڌ سرڪار کي کُڙڪ پئي ۽ ان اهم معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري بورڊ آف روينيو جي سينئر ميمبر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن کي هفتي اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف جاچ ڪميٽي جڏهن لاڙڪاڻي کان تحقيقات جي شروعات ڪئي ته ڪيئي ڪيس اهڙا سامهون آيا آهن، جن تي شڪ ظاهر ڪيو ٿو وڃي ته انهن ماڻهن جعلي ڊوميسائيل ٺهرايا آهن، پر اڃا انهن جي تصديق ناهي ڪئي وئي. بهرحال جاچ دوران ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ وٽان اها خبر به سامهون آئي آهي ته جعلي ڊوميسائيل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي ڊي سي آفيس مان 100 شڪي ماڻهن جي ڊوميسائيلن جو رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل ٻن سالن جو اڍائي سئو کان مٿي ڊوميسائيلن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو جنهن مان 100 ماڻهن جا ڊوميسائيل شڪي نڪتا آهن. شهرين جاچ ڪميٽي کي گڊو ٿرمل پاور هائوس ۽ پي پي ايل گئس فيلڊ ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن جون ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جون شڪايتون ۽ لکت ۾ درخواستون ڏنيون هنيون.
سنڌ جيتري قدر پنهنجي معدنيات سان مالامال آهي، ان حساب سان هي ڌرتي اوتري خوشحال هجڻ گهرجي ها، پر وسيلن جي ڦرلٽ ٿيڻ ڪري سنڌ ڌرتيءَ جا اصل ڌرتي ڌڻي پنهنجي حقن کان محروم آهن، بک بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ پاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ سکي ستابي زندگي گذارڻ محال آهي، اڄ به اهي فاقاڪسي تي مجبور آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن جي قسمت بدلائي نه سگهيا. هيءَ ڌرتي ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالامال هئڻ باوجود اڄ به ترقي نه ڪري سگهي آھي ۽ ڌرتي جي دشمنن جي سازشن جي ڪري سنڌ تي ڌارين جو قبضو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جنهن ڪري سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي انهن مالي وسيلن کان محروم رکيو ويو آھي، ڪيترائي سنڌ جا نوجوان بک بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آھن ته ڪيترائي خاندان وري پنهنجي ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن، سنڌ جي مالي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي عيش و عشرت واري زندگي گذارين ٿا، مفاد پرست ڌريون پنهنجي ذاتي مفادن جي ڪري سنڌ جي غريب مسڪين ماڻھن کي پنهنجن حقن کان محروم رکي پنهنجا ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي سوديبازي ڪريو ڇڏين، پر انهن کي سنڌ جي ڌڻين تي ڪو رحم نٿو اچي، اهي ووٽ وٺي وڏن وڏن عهدن تي رهي سنڌ جي ماڻهن جي قسمت جا فيصلا ڪندا رهن ٿا، انهن کي ڪوڙا ڏٽا ۽ آسرا ڏئي هر ڀيري ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ جڏهن ووٽ حاصل ڪيا ويندا آهن ۽ اهي مفاد پرست ايوانن ۾ وڃي پهچن ٿا ته انهن کي عوام سان ڪيل واعدا ياد نٿا پون، پوءِ ڌاريا به اچي سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻن، روزگار کسيو ڇڏين، ايتري تائين جو فيڪٽرين ۾ ننڍي سطح جا ملازم، ڊرائيور، پٽيوالا به ٻين صوبن مان گهرائي هتي ڀرتي ڪيا ٿا وڃن، پر افسوس ته سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ ڪير به اثرائتو ڳالهائڻ وارو ناهي، جيڪي ڳالهائڻ وارا هئا، انهن کي ته رستي تائين ئي هٽايو ويو، جن ڳالهائڻ چاهيو، تن کي خاموش ڪرايو ويو، ڪن سمجهوتا ڪري ورتا، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو لاوارثي ۽ غربت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٻين صوبن جا ماڻهو، ڀلي اهي پنجابي هجن، بنگالي هجن، پٺاڻ هجن يا ٻي ڪنهن قوم يا خطي سان تعلق رکندڙ هجن، انهن جي هتي اچي مستقل رهڻ، ڪاروبار ڪرڻ، سنڌ جي ماڻهن جي روزگار ۽ ڪاروبار تي ڌاڙو هڻڻ، هتان جو سڏائڻ، ڪيئي ماڙ عمارتون ٺهرائي مسواڙن تي ڏئي ڇڏڻ، ٽرانسپورٽ هلائڻ، زمينون خريد ڪرڻ، شاپنگ مالز کولڻ توڙي ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائڻ تي ڪو اعتراض ناهي کڄيو ۽ نه ئي انهن جي انهن غيرقانوني ڪمن ۾ کين ڪا رُڪاوٽ پيش آئي آهي، ايندي به ڇو، انتظامي عملو جو انهن سان هٿ ۾ هٿ ڏئي هلي رهيو آهي!
افسوس ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جهڙي ريت سنڌ جي وسيلن کي مالِ غنميت سمجهي استعمال ڪيو ويو ۽ انهن تي قبضو ٿيو، دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ ان جو مثال نٿو ملي، اڄ به ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ئي شھرن ۾ ڌاريو ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. انهن کان انهن جا حق کسيا ٿا وڃن، هڪ طرف ست ڏهاڪا اڳ اوڀر وٽان ٿيل لڏپلاڻ کي سنڌ منهن ڏنو ۽ ان جا نتيجا اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي ته ٻئي طرف اولهه وٽان به ايندڙ لوڌ جو بار سنڌ کي کڻڻو پيو، جڏھن افغان جنگ جي شروعات ٿي ته ان دوران افغان پناهگيرن جو وڏو انگ سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو. جيڪي پڻ سنڌ کي اڏوهي وانگي کائي ناس ڪري رهيا آھن، انهن کي ڪنهن مستقل رهائڻ، ڪاروبار ڪرڻ، زمينون خريد ڪرڻ، ٽرانسپورٽ هلائڻ ۽ سنڌ اندر سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڪرڻ جي اجازت ڏني؟ رڳو ايترو ئي نه پر انهن جي اچڻ سان سنڌ جو امن به تباهه ٿي ويو. ان ڪري ڌارين جي آيل ان لوڌ ۽ ان جو وڌيڪ معاشي بار کڻڻ جي سنڌ متحمل نٿي ٿي سگهي، ساڃاهه وند ۽ ذميوار ڌريون ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سنڌ ۾ هاڻي وڌيڪ پناهگيرن کي برداشت ڪرڻ جي هاڻ سگهه ناهي. جيستائين جعلي ڊوميسائيلن جو مامرو آهي ته اها سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل سان کيڏڻ جي سازش آهي ۽ سنڌ جي مستقل آبادي سان ظلم ۽ سندن حقن تي راتاهو آهي، اها راند هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ کي پڌرو ڪري ملوث ماڻهن کي عهدن تان نه رڳو هٽايو وڃي بلڪه کين سخت سزا به ڏياري وڃي، گڏوگڏ جن به ماڻهن جعلي ڊوميسائيلن تي نوڪريون ورتيون آهن انهن جون اهي نوڪريون ختم ڪري سنڌ جي ڪوٽا تي رکيون وڃن ۽ ان جي جاچ جي آڌار تي هن ڏهاڪي ۾ ٺهيل سمورن ڊوميسائيل جي به جاچ ڪري جعلي ڊوميسائيل رد ڪيا وڃن. جيتوڻيڪ ان معاملي جي جاچ جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر مون کي نٿو لڳي ته ڪو هي معاملو ايترو سولو آهي ۽ جلد جاچ مڪمل ڪري هڪ جامع رپورٽ هفتي اندر پيش ڪري سگهبي، بلڪه ان ۾ گهڻا ڏينهن لڳي سگهن ٿا، ان حوالي سان جاچ ٽيم جي سربراهه قاضي شاهد پرويز به چيو آهي ته جعلي ڊوميسائيلن ٺھڻ وارو معاملو تمام گهڻو سنجيده آهي، خواھش آهي ته جاچ اڻ ڌري ۽ شفاف نموني ڪئي ويندي، مون کي اميد آهي ته جعلي ڊوميسائيل واري مامري کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ان جو اهڙو مستقل حل ڪڍيو ويندو، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي راتاهو هڻڻ جو سلسلو بند ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button