آرٽيڪل

ڪوڙا ڊوميسائل ۽ ڌارين جي آبادي..؟

غلام مصطفي جمالي
Ghulam Mustafa Jamali 1هن وقت پاڪستان ۾ جتي سياسي صورتحال ۽ ڪرونا جي وبا تي وڏا بحث هلي رهيا آهن.اُتي حڪمرانن کان ملڪ جا اهم ۽ وڏا مسئلا ڄڻ ذهن تان هلي ويا آهن.انهن مسئلن مان هڪ مسئلو سنڌ اندر ڪوڙا ڊوميسائل ۽ پي آر سي يون ٺهرائي نوڪري ڪندڙ ڌارين جو آهي جيڪي سنڌ جي اصل نوجوانن جو حق کائي ويٺا آهن ۽ ٻيو افغان پناهگيرن جو مسئلو به هڪ اهم مسئلو آهي،افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ رهائش کي جتي ڌارين ٻولين وارا صوبا رد ڪري چڪا آهن اُتي ڪي پي ڪي جي عوام جيڪا افغان پناهگيرن جي ئي زبان ڳالهائيندڙ عوام آهي انهي عوام خد افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ رهڻ واري ڳالهه کي رد ڪري چڪي آهي جڏهن ته گذريل حڪومت ۾ انهن خلاف احتجاج ڪيو ويو هو ته افغان پناهگيرن کي هاڻ واپس وڃڻ گهرجي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي حڪومت اتي اهڙا به بيان ڏنا هئا جن ۾ اهو واضع چيو ويو هو ته افغان پناهگيرن کي پاڪستان مان جلد کان جلد نيڪالي ڏني وڃي.ڪي پي ڪي صوبي جي ڀيٽ ۾ بلوچستان اندر به پشتو ڳالهيندڙ پڻ ڪيتري عوام رهي ٿي اتي بلوچستان جي حڪومت پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو هوُ ته جيڪڏهن پاڪستان مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي نه ڏني وئي ته کين ڌڪا ڏئي ملڪ بدر ڪيو ويندو.ان وقت بلوچستان جي گهرو وزير پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته حساس ادارن ڪارروائي ڪندي افغان انٽليجنس جي ڇهه دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث جو اعتراف ڪري ورتو پڻ ڪيو آهي.جڏهن ته گهرو وزير اهو به چيو هوُ ته گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ محبو خان ۽ عصمت الله ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هئا ۽ انهن جو تعلق هلمند سان هو، ان وڌيڪ چيو هو ته دهشتگرد افغان ڪيمپ ۾ رهيا ۽ اتي ئي وڏا ٿيا ۽ اسانجي ماڻهن کي قتل ڪيو، هاڻ گهڻو ٿيو ويو آهي افغانين کي هاڻ وڃڻو ئي پوندو،پر جتي سوال ٻين صوبن جو آهي ته اهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف نه رڳو احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن مان بيزاري ظاهر ڪري کين ڌڪا ڏيڻ جي بيان پڻ سامهون اچي آهن جن ۾ نه رڳو صوبن جي عوام شامل آهي پر انهي صوبن جا وزير عوام سان گڏ احتجاج ڪندڙن جي وڏي ۾ انگ شامل هئا.پر ڳالهه هاڻ ڪجي سنڌ صوبي جي عوام جي ته انهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف خاموشي وارو رويو ڇو رکيو آهي جيڪو بلڪل به سمجهه کان ٻاهر آهي،جڏهن ته سنڌ جي گادي واري ڪراچي اندر وڏي تعداد ۾ افغان پناهگير رهن پيا. جيڪي نه رڳو هتي جي شهريت حاصل ڪري رهيا آهن پر ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن اندر افغاني ملڪ جي نالي سان لڳل پوسٽرن سان پنهنجا ڪاروبار به ڪري رهيا آهن،تازو ڪي پي ڪي مان ايم پي اي جي سيٽ تان کٽي ايندڙ افغاني نڪتو هو جنهن به ميڊيا ۾ بحث هلندڙ هليا.رهي ڳالهه سنڌ جي ته ڪراچي جي ڪيترن ئي وسندين تي هن وقت به انهن افغان پناهگيرن جو مڪمل قبضو آهي،۽ انتظاميه انهي افغان پناهگيرن واري معاملي تي مڪمل خاموشي وارو ماحول ٺاهيو اچي جنهن سان نه رڳو ڪراچي ۾ افغان پناهگير پنهجون رهائش گاهون مظبوط ڪري رهيا آهن پر نادرا جي سفارشي عملي سان ملي ڪري پاڪستاني شهريت حاصل ڪري هميشه لاءِ پاڪستان ۾ رهڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آهن،جيڪي سنڌ صوبي جي امن امان لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿيندا، جتي افغان پناهگيرن جو مئسلو آهي ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ پاڪستان اندر دهشتگرد پناهه وٺي رهيا آهن،انڪري افغانين جي صدر کي گهرجي ته هاڻ افغان پناهگيرن کي واپسي گهرائي. جڏهن ته افغان پناهگيرن جي صورت ۾ هڪ وڏي لنڪ موجود آهي .ان ڪري انهي ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي صورت ۾ دهشتگردن جو هڪ وڏو ٽولو وجود آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سبب بڻيل آهي پر انهي سان گڏ صوبن جي عوام جا به حق کائي رهيو آهي.هڪ ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوج رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهي آهي اُتي ٻيو ظلم پاڪستان مٿان نواز حڪومت ڪيو هو جنهن خد انهي افغان پناهگيرن کي پاڪستان اندر ا ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ڏئي ظلم ڪيو هو جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ملڪ ۾ حمڪرانن پنهنجي عوام جا سور حلقا ڪرڻ بجاءِ انهي عوام کي ٽيڪس کان ويندي لوڊشينگ،منهگائي،جهڙيون اذيتون ڏئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اتي مٿان وري افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏئي ڪري خد پاڪستان ۾ دهشتگردي کي ڀاڻ ڏنو آهي،جيڪي عوام ۽ ملڪ لاءِ هڪ وڏو الميو آهي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هن وقت پي ٽي آءِ جي حڪومت جي وزيراعظم عمران خان وزيراعظم خان انهي افغان پناهگيرن جي معاملي تي سوچڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي گهرجي افغان پناهگيرن جي وڃڻ جي لاءِ انتظام ڪري ۽ هو هتان هليا وڃن.اها به ڳالهه سچ آهي ته بلوچستان مان جيڪي سمورا دهشتگردن گرفتار ڪيا هئا انهن مان چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارن پڻ اهو اعتراف ڪيو هو. جڏهن ته بلوچستان حڪومت اهو به چيو ته نادرا هنن کي 20 هزارن عيوض شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا هئا .جڏهن ته ڳالهه رڳو بلوچستان جي ناهي جيڪي افغان پناهگيرن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر خد خيبرپختون خواهه سرڪار به افغان شهرين جي وطن واپسي جو مطالبو ڪري رهي هئي. سنڌ ۾ به افغان پناهگيرن جو تعداد 20لک کان مٿي جو آهي جيڪي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ٻهراڙين وارين علائقن ۾ رهائش پزير آهن،ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته افغان پناهگيرن جي معاملي کي سنجيدگي سان ويهي سوچي ۽ سنڌ اندر رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر جوڙي ۽ جئين وفاق حڪومت جڙي ته اهي انگ اکر انهي وفاق کي موڪلي ۽ وفاق کان اهو مطالبو ڪري ته انهن افغان پناهگيرن کي جلد کان جلد سنڌ ۾ ٻاهر ڪڍيو وڃِي،ڇو ته افغان پناهگيرن جو اصل هنڌ سندس ملڪ افغانستان آهي ان ڪري کين اتي ئي رهڻ گهرجي.جڏهن ته پناهگيرن جي سهائتا واري ايجنسي(يو اين ايڇ سي آر) پڻ اهو کليل لفظن ۾ چيو هوته پاڪستان پناهگيرن جو ڳڙه بڻجي ويو آهي.پر اها به حيقيت آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ پناهگيرن جو تعداد جنهن کي پاڪستان جي نادار رجسٽرڊ ڪيو آهي اهو به سورهن لک کان مٿي جو آهي.جن جي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان وٺي باعزت واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو چئي رهي آهي پر انهي چوڻي ۾ به ڪا سنيجدگي سڏڻ ۾ نه پئي آئي،جڏهن ته هي اهي پناهگير آهن جيڪي پاڪستان جي نادرا وٽ رجسٽرڊ آهي جڏهن ته ڪيترائي پناهگير بنا رجسٽرڊ جي به پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن.جڏهن ته سنڌ صوبي اندر رجسٽرڊ پناهگيرن جو تعداد به66هزار کان مٿي جو آهي.جيڪي سنڌ ۾ رهيا پيا آهن.جڏهن ته سڄي پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي ڪوبه رڪارڊ موجود ئي ناهي.جڏهن ته افغان پناهگيرن جو وڏي ۾ وڏو انگ ڪي پي ڪي ۾ آهي ۽ ٻيو نمبر سنڌ ۾ آهي جڏهن ته اها کي اه ڳالهه ٻڌي حيرت ايندي هوندي ته 1980کان 2005ع تائين افغان پناهگيرن جي رجسٽري جو تصور به نه هو جڏهن ته ان وقت نه پاڪستان وٽ ۽ نه ئي“يواين اي”وٽ ڪو رڪارڊ موجود هو 2005ع ۾ پاڪستان حڪومت پاران 70لک ڊالر جي خرچ سان هڪ اداري“يواين اي ايڇ سي آر” پاران افغان پناهگيرن جي آدم شماري ڪرائي وئي جنهن ۾ انهن جو انگ 20لک 4هزار کان مٿي جو هو ان ڪري هن وقت مان نه ٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ جهڙي ريت آبادي آهي انهي ريت افغان پناهگيرن جو پاڪستان ۾ رهڻ مسئلا پيدا ڪرڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه ان وقت نئي حڪومت اچڻ ۾ باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن انڪري مان اهو ئي چوندس ته جتي عمران خان نئي حڪومت آڻڻ لاءِ عوام کي نئي پاڪستان جا خواب ڏيکاري رهيو آهي ان سان گڏ عمران خان کي افغان پناهگيرن جي معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button