ٺٽو

لاڪ ڊائون ٿيڻ گھرجي پر علائقا سيل ڪري عوام کي پريشان نہ ڪيو وڃي، گورنر سنڌ

شاه خالدڏاتاري،ٺٽو

عمران اسماعيل

گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو اھي تہ احساس ڪفالت پروگرام تحت غريب عورتن کي 12 هزار روپين جي ادائيگي جو سلسلو پوري پاڪستان ۾ جاري آهي، پهرين مرحلي ۾ پوري ملڪ جيان سنڌ ۾ به اهو سلسلو جاري ڪيو ويو آهي، اسان کي عوام جي صورتحال کي سامهون رکي لاڪ ڊائون واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ جو علائقن کي سِيل ڪرڻ سان ماڻهن لاء مسئلا وڌندا. ھن اھي ڳالھيون سنڌ جي دوري دوران دي سي آفيس مڪلي ۾ ڪيل اجلاس توڙي ڊگري ڪاليج مڪلي ۾ احساس ڪفالت سينٽر جي دوري توڙي قرنطينيہ مرڪزن جو دورو ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، گورنر سنڌ عمران اسماعيل وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاء سنڌ حڪومت جيڪا فنڊنگ حاصل ڪئي آهي، اُن باري ۾ اسان کي ٻُڌايو ويو آهي ته ان فنڊ جو خرچ ڪرونا وائرس کان بچاء لاء حفاظتي قدم کڻڻ سميت ٽيسٽ ڪِٽس ۽ آئيسوليشن وارڊن تي خرچ ڪيو پيو وڃي، ھن چيو تہ ملڪي صورتحال سبب لاڪ ڊائون دوران متاثر ٿيل هر ماڻهو کي راشن فراهم ڪرڻ انتهائي ڏکيو مرحلو آهي ڇاڪاڻ جو هن عالمي وبا سان پاڪستان جنگي صورتحال ۾ آهي ۽ فنڊز جو به اشو آهي، ھن چيو تہ سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي ۾ ماڻهن کي راشن ڏيارڻ لاء ڇا ڪري رهي آهي، اهو اُن جو مسئلو آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل وڌيڪ چيو تہ گذريل حڪومتن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم پنهنجن ويجهن ساٿين جا نالا فنڊ اسڪينڊل ۾ ظاهر ڪرايا آهن ۽ 25 تاريخ تي حتمي رپورٽ اچڻ بعد سمورن ذميوار قرار ڏنلن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو تہ هن وقت تائين لاڪ ڊائون واري صورتحال لاء ڪو مڪينزم طئي ڪرڻو پوندو ته جيئن عوام کي ڪرونا وائرس واري صورتحال ۾ وڌيڪ پريشان نه ڪجي. ھن چيو تہ احساس ڪفالت پروگرام تحت وفاقي سرڪار وڏو پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي، جنهن سان هيٺين سطح جي غريب ۽ متاثر ماڻهن کي رليف ملي رهيو آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل احساس ڪفالت سينٽر تي موجود عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي پروگرام صرف ۽ صرف وزيراعظم عمران خان جو آهي، جنهن تحت اوهان کي 12 هزار روپيا مدد طور ڏنا پيا وڃن ۽ هن معاملي ۾ ڪير به سياست ڪري يا ڪجهه چوي ان جي ڳالهين ۾ نه اچجو ۽ ڪٽوتي ڪندڙن خلاف فوري شڪايت ڪجو، تہ انھن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل پاران وزير اعظم پاڪستان عمران خان کي قائد اعظم محمد علي جناح بعد وڏو ديانتدار قرار ڏيندي چيو تہ آء عمران خان کي ذاتي طور سڃانان ٿو ھو دلير شخص ۽ ڀڄڻ وارو ناھي، ھن چيو تہ وزير اعظم پاڪستان عمران خان کي جلد سنڌ جو دورو ڪرايو ويندو، جنھن لاء سنڌ جي متاثر علائقن جي دوري جو شيڊول اڄ شام  وزيراعظم پاڪستان کي موڪليو ويندو. گورنر سنڌ پاران ملڪ ۾ ڪرونا سبب اسٽيٽجڪ لاڪ ڊائون ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو تہ لاڪ ڊائون ٿيڻ گھرجي پر علائقا سيل ڪري عوام کي پريشان نہ ڪيو وڃي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل روڊ رستي ٺٽي پهچي ڊي سي آفيس ٺٽو ۾ انتظاميه کان بريفنگ ورتي، جتي ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير کيس ٺٽي ضلعي اندر احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽرز ذريعي عورتن کي رقم جي فراهمي ۽ لاڪ ڊائون توڙي ڪرونا جي خدشي سبب قائم ڪيل آئسوليشن وارڊ ۽ قرنطينه سينٽر بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتھائي سخت قدم کنيا ويا ھئا. گورنر سنڌ عمران اسماعيل مڪلي کان روڊ رستي سجاول روانو ٿي ويو. ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان سميت ٻيا عملدار پڻ موجود ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button