ٺٽو

گھوٽڪي: پوليس جو نوجوان تي تشدد، نوجوان انصاف لاءِ ميڊيا تي متحرڪ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، گھوٽڪي
گهوٽڪي ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ويٺل نوجوانن تي پوليس تشدد ، وارن کان پڪڙي پوليس موبائل ۾ اڇليو ويو. هيئنر رابطي ٿيڻ تي معلوم ٿيو آهي ته سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال گهوٽڪي آندل نوجوانن تي سرڪار جي مد ۾ ايف آءِ آر به داخل ٿي وئي آهي.

Ghotki torture on student small

سوشل ميڊيا تي متحرڪ نوجوانن جو چوڻ آھي ته ڪهڙي قانون تحت ميڊيڪل اسٽور بند ڪرايو پئي ويو ۽ وحشياڻو تشدد ڪري مٿان وري ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي. ڪٿي خاموش ڪرائڻ لاءِ ايف آءِ آر ته داخل ناهي ڪئي وئي ؟؟

انساني حقن جي هن سنگين ڀڃڪڙي تي سنڌ جي ساڃاه وندن ۽ انساني حقن جي علمبردار ماڻهن کي نوٽيس وٺڻ کپي.

ظھور ميمڻ ايم ايس اي ڪوآرڊينيٽر سوشل سائينس بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ کي ڏنل تفصيل موجب
شهرين مطابق جڏهن لاڪ ڊائون ۾ ميڊيڪل اسٽور کولي رکڻ جي اجازت مليل آهي ته پوليس ڪهڙي قانون تحت بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سول ڊريس پهريل ڊي ايس پي عڀدالقادر چاچر پوليس اهلڪارن سان گڏ زبردستي ميڊيڪل اسٽور بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي فيض الله ملاڻو مهذب طريقي سان سائين جن کي آگاه ڪيو ته هي ميڊيڪل اسٽور آھي ۽ سنڌ حڪومت پاران بند ڪرڻ جو ٽائيم 5بجه آهي جنهن تي سائين جن کي ڪاوڙ آئي ۽ ساڻس سپاهيين کي تشدد ڪري زبردستي اسٽور بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو
هاء ڪورٽ پاران جاري ڪيل آرڊر 2013 مطابق ضلعي اندر رھندڙ کي سندس جي ضلعي ۾ پوسٽنگ نہ ڏني ويندي پر عبدالقادر چاچڙ جو سياسي اثر رسوخ هئڻ ڪري سندس جي ئي ضلعي ۾ پوسٽنگ ملي آهي جيڪا سڌي سنئين هاء ڪورٽ جي آرڊر جي پڻ ڀڃڪڙي آهي.

اهڙي ظلم ۽ ورتاوءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ، ڊي ايس پي عبدالقادر چاچڙ جي اهڙي عمل تي پوليس جي اعلي اختيارين آءِ جي صاحب ۽ سي ايم سنڌ کان ڊي ايس پي ۽ ٻين ملوث پوليس اهلڪارن جي برطرفي جو مطالبو ڪيون ٿا.
ھوڏانھن سنڌ پوليس به پنھنجو مؤقف سوشل ميڊيا تي ئي پڌرو ڪيو آھي جنھن موجب پوليس تي نوجوانن حملو ڪيو.
پھرئين ٽوئيٽ


ٻي ٽوئيٽ


ٽين ٽوئيٽ


نوجوانن پوليس جي ان موقف کي رد ڪندي سوشل ميڊيا تي مھم تيز ڪري ڇڏي آھي.

جليل احمد چيو.

عمر چاچڙ چيو

لياقت مجيد چيو

ان سلسلي ۾ ٽرينڊ جاري آھي

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button